شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

ھر جنم ۾ خدا کان توکي وٺندس

ھر جنم ۾ خدا کان توکي وٺندس
ھڪ ڏينھن چيائين: “رولاڪ توکي سمجھڻ ڏکيو آھي.”
چيم: “ھا مان چيني فلم آھيان ، جيڪا تنھنجي لاءِھلي ته پئي، پر سمجهه ۾ ڪجهه به نٿي اچي.”
منھنجي ڳالھين تي ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي چيائين:
“ رولاڪ منھنجي ھر سوال جو جواب رکندو آھين”
چيم: “ھا مان ڳالھڻ جي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي.”
ھن جي چھري تي مرڪ ليئو پاتو ، اھُا مرڪ جنھن تي مرد جي دل جي سمنڊ جون ڇوليون پٿرن سان مٿو ھڻي واپس وڃن، پنھنجي ھٿن سان منھنجو چھرو دعا وانگر پڪڙي چيائين:
“رولاڪ تون ڪيترو معصوم آھين ؟ تنھنجو دل ننڍي ٻارن جيان نفرتن کان پاڪ آھي ”
چيم: “نه مونکي گاريون نه ڏي.”
چيائين: “مان گاريون ڪٿي ڏنيون.”
چيم: “اڳ ۾ چيو جو هيئي ته مان معصوم آھيان پر اھو سچ آھي ته مان معصوم نه آھيان ، مان اھو وڇون آھيان، جيڪو پنھنجي ئي زھر سان پاڻ ئي مرندو آھي.”
چيائين: “نه رولاڪ تون منھنجو سائين آھين، منھنجو ديوتا، منھنجي محبت جو ڀڳوان.... جنھن کي مان تهجد جا سجده ڪري، خدا کان گھرندي آھيان. رولاڪ تون مونکي ھر جنم ۾ خدا کان پنھنجو ڪري وٺي ايندي.”
چيم: “ھا بلڪل مان ھر جنم ۾ خدا کان توکي وٺي ايندس، جيڪڏھن خدا مونکي توکي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته مان خدا کان وري ڪو جنم نه وٺندس، سانئڻ! جيڪڏھن منھنجو جنم ٿيو ته مندر يا مسجد جي سِر ٿي جنم وٺندس، پوءِ سڄي زندگي اتئي ئي روئندو رھندس، ڇو جو منھنجو ھن جنم ۾ به تنھنجي لاءِ روئڻ باقي آھي.”
چيائين: “رولاڪ تون منهنجو ديوتا هوندين، هر جنم ۾ آئون تنهنجي داسي ٿي اينديس، تنهنجي محبتن جا صحيفا هر دور ۾ منهنجي روح تي نازل ٿيندا رهندا.”