شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

ھارايل جواري

ھارايل جواري
رات پنهنجي ڪاري لباس
جا رنگ شهر مٿان اڇلائي
رهي آھي
مان آڪاش تي ڪڪرن جي
چادر پويان لڪيل
چنڊ کي ڳولھي رھيو آھيان
مان هڪ هارايل جواري جيان
سڀ ڪجھ هارائي ويٺو آھيان
منھنجي دل موهن جو دڙو آهي
جنهن ۾ سڪ ۽ ڇڪ جي
سچائي جا سڪا دفن آهن
جن کي تون ئي کوٽي
ڪڍي سگھين ٿي
محبتن جي مورتين جا مجسما
تنهنجي لاءِ اڃا تائين
انتظار جي قبر ۾ دفن آهن
۽ مان تنھنجي يادن جو
ڪشڪول کڻي
سورن جي سھيلين کي سڏو
ڏئي محبت جي محفل مچائي
پنھنجي اڌوري محبت جو
ڪتاب کڻي جڏھن
لکڻ شروع ڪندو آھيان
تڏھن دنيا کان
ڪٽجي ويندو آھيان
منھنجي سوچ جو سمنڊ
اکين ۾ اٿلي پوندو آھي
زندگي اڄ مان اداس آھيان
ڇو جو؟
منھنجي سورن جو ساٿي
آسمان تي بيٺل چنڊ آھي
جيڪو اڄ پاڻ تي ڪڪرن جي
چادر اوڍي خبر ناھي
ڪھڙي ڪنڊ ۾ سمھي رھيو آھي...!؟

...