شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

منھنجا خواب سڀ ڇورا ڇنا !

منھنجا خواب سڀ ڇورا ڇنا !
دريا وانگر
وھندڙ وقت کي ته
مان روڪي نه سگھندس
بس ڪجھ وقت
دردن جي محفل مچائي
وري ساھ واري پکي کي
ڪجھ گھڙين لاءِ
سڪرات مان ڪڍي
کلي فضا ۾ ڇڏي ڏيان ٿو
يا وري ڪاري رات ۾
پنھنجي دردن جو صليب کڻي
نڪري پوندو آھيان
يا وري پين پنو کڻي
پنھنجي اجڙڻ تي نوحه لکي
ڪجھ دير لاءِ
تنھنجي يادن کي
پرسو ڏيندو آھيان
ڪڏھن ته وري
پنھنجي ٻٽون ۾
ھڪ عورت جي تصوير آھي
جيڪا مان اڪثر ڏسي
مسڪرائيندو آھيان
پنھنجي اذيتن جي لمحن ۾
ھُو عورت مونکي
گھڻو ياد ايندي آھي
شايد مان ھن اداسي جي
سفر ۾ ھلي ھلي
پٿر دل ٿي ويا آھيان
منھنجا خواب سڀ
ڇورا ڇنا ٿي ويا آھن
زندگي جي سفر ۾
ڪڏھن سوچيندي سوچيندي
پنھنجي سڀني حسرتن تي
مايوسين جو ھٿ
مليندو رھجي ويندو آھيان
يا پنھنجي محبت جي عبادتگاھن تي
ھليو ويندو آھيان
مان ڪاري رات ۾ نڪتل
رولاڪ چنڊ سان پنھنجي
دل جو حال اوري رھيو ھيس ته
اچانڪ ڪائنات جو
ڪل حسن رکندڙ
منھنجي خيالي دنيا
جي شھزادي
جيڪا منھنجي خيالي دنيا
جي حور آھي
جيڪا بس منھنجي خيالي دنيا آھي
اچي سامھون بيٺي
چيائين
اڳ ۾ ڪھڙي عورت جو
ذڪر ڪري رھيو ھئين؟
منھنجي چھري تي
ابدي مرڪ تري آئي
چيم نه نه
مان ڪنھن جو ذڪر ڪندس
چيائين نه ٻڌا هو ڪير آ؟
جنھن جي تصوير
تنھنجي ٻُٽون ۾ آھي
چيم منھنجي ٻٽُون ۾
جنھن عورت جي تصوير آھي
سا منھنجي پياري ماءُ آھي
جيڪا ھن دنيا ۾ ناھي
مان اڪثر تنھائي ۾
اڪيلي سر
پنھنجي ماءُ سان
ڳالھيون ڪندو آھيان ...!
...