شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

ذبح ٿيل محبت

ذبح ٿيل محبت
منھنجي ذبح ٿيل محبت
منھنجي ارمانن جو گوشت
تنھنجي جوڙي تي
ھزار جو ڀرت
منھنجي جسم تي
تنھنجي جدائي وارو ڪفن
تنھائي جا منحوس لمحا
اذيتن جو سفر
مٿي باھ چٽندڙ سج
ھيٺ تنھنجي نفرتن وارو
گرم ڪوئلو
منھنجي زندگي جو
نه کٽندڙ سفر
مونسان عيد تي تيار ٿيل
پنھنجا ٽٽل خواب
تنھنجي يادن جو پاڇو
ڪمري جي تنھائي
موبائل جي اسڪرين تي
آڱوٺي جي ٽپ ٽپ
واري گھري سوچ
گھڙي جي ڪانٽن جي حرڪت
منھنجي محبت جي اڏندڙ خاڪ
منھنجي من جو قبرستان
جنھن ۾ دفن ٿيل منھنجون
اڌوريون تحريرون
تون بن اڌوريون
عيد جون خوشيون
منھنجي محبت جو لڪيل چنڊ
منھنجي گذرندڙ عيد
وقت جا پاليل ڪتا
منھنجي لفظن تي ڀوڪن ٿا.
...