شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

ويڳي محبت

ويڳي محبت
ھو وري موٽي آئي
تصور جي دنيا ۾
ھن سڀ ڪوڙيو سوڙيون
شڪايتون ڇڏي
ميت سان گڏ رھڻ جو
سوچيو آھي
پر ھو منھنجي ڏک ۾
شريڪ ناھي بس منھنجي
خوشين جو ڀاڱي ڀائيوار آھي
ڇو جو آئون ھن جو
ويڳو ڏک آھيان
ھو دنيا جي اڳيان
ثابت ڪري چڪي آھي
ته آئون بس ھن جو
ويڳو پيار آھيان
منھنجا احساس خواب سڀ
ڪنھن يتيم ٻار مثل آھن
جنھن کي ماٽيلي ماءُ
ڪڏھن ڪڏھن ڪم ڪار
خاطر پنھنجي گھر ۾
پناھ ڏيندي آھي
ائين ھن به مونکي پنھنجي
زندگي ۾ ٿوري جگھ ڏئي
مون تي وري احسان ڪري
منھنجو وجود وري زخمي ڪري
مونکي گنگھار ڪري ڇڏيو آھي
ھينئر منھنجو پاڇو به
منھنجو ساٿ ڇڏي چڪو آھي
منھنجون حسرتون
مري چڪيو آھن
دنيا اوپري ٿي لڳي
ڇو جو مان ھن جي
ويڳي محبت آھيان.
...