خانه بدوش عورت
زندگي جي سفر ۾ رلندين رلندين وڃين ڪنھن ھوٽل تي ويٺس، کيسي ۾ ھٿ وجھي موبائل ڪڍي ٽيبل تي رکي بيري کي اشارو ڏنم. بيرو پاڻي جو جڳ رکندين چيائين: “وڏا حڪم!؟”
چھري تي ڪوڙي مرڪ سجائي چيم: “ ھڪڙي ڪَٽ (چانهه) کڻي اچ دودهه پتي !”
ھُن چانهه ٺاھڻ واري کي سڏ ڪندي، چيائين ته:
“وڏا .... صاحب جي ھڪڙي ڪٽ دود پتي ٺاھ”.
ھوٽل جي چؤ طرف ڏٺم ته ھڪڙو موٽو گينڊي جي شڪل جھڙو ماڻھو ويٺو ھو، جنھن جو پيٽ ته ڄڻ نوَ مھينا پورا ٿيڻ وارا ھجن، ٿوري دير ۾ خانه بدوش عورت پنھنجي ھنج ۾ ننڍڙو کڻي آئي ۽ صاحب کي دعا ڏيندين چيائين ته:
“منھنجي ننڍڙي کي کير وٺي ڏي خدا جي نالي ڪجهه ڏيو، آئون توکي دعا ڪندس، سيٺ ڪجھ ڏي اللهّ جي راھ ۾”
ھن عورت کي ھن شخص پيرن کان وٺي چوٽي تائين پنھنجي بکايل نظرن سان ڏٺو ھي عورت جنھنجا اڻڀا وار وکريل اکيون ويران وستي وانگر اداس آھن، جيڪا ڏسڻ ۾ ڏٻري، ڪمزور، ٿڪل ٽٽل بيمار ٿي نظر اچي، ان کي به ھو شخص بستر جي رونق بنائڻ لاءِ زور پيو ڀري، ھن عورت جي سيني کي بار بار پٽڻ جي بھاني سان ھٿ اڳتي وڌائي ته عورت شرمشار ٿئي پر ھو مرد پاڻ کي ڏاڍو معتبر پيو سمجھي عورت کي چيائين: “ھي ٻار ڪنھن جو آھي؟”
عورت چيو: “ھن جو پي معذور آھي ، مان ھن جي ماءُ آھيان.”
مرد شھپر کي وٽندين ٻيو سوال ڪيو ته: “ھي ٻار حرامي ٿو لڳي مونکي. ”
عورت ڪبوتر وانگر ڀڙڪو کائي اٿي، سڪي مرڪ ۾ سڄو درد ھڪ ئي ڍُڪ سان پي وئي مرڪندين چيائين:
“صاحب گھڙي گھڙي کي گھاٽ ۽ پل پل کي پڇتاءُ ڪرڻ لاءِ گھڻن تون جھڙي ڪراڙي گدڙن جوانن سندس بستر تي سمھارڻ جو سوچيو پر زندگي جي سفر ۾ ھميشه گڏ رھڻ لاءِ ڪوبه تيار نه ھو. مونکي دنيا ۾ مرد ڪئي نالا ڏنا پر پنُھنجي ھجڻ جو احساس ڪنھن به نه ڏنو، اسان کي چاھيو ويو بس جسم جي حد تائين اھڙين عورتن جي وجود مان بس حرامي ٻار ئي جنم وٺندا آهن.”
عورت جون اکيون روئاڻڪو ٿي ويون ،ھوٽل جي لڳل شيشن جي روشني ھن جي ميري گدلي وجود مان پار ٿيندي رھي منھن تي مايوسي جون ريکائون آھن ھو وياڪل ھئي، ويراڳڻ ھُئي، ھن جي ھٿ ۾ ھڪڙو ننڍڙو ٻار ھو.
ھن ورائي چيائين: “ صاحب کير وٺي ڏي ننڍڙو بکارو آھي ”
صاحب کان رڙ نڪري وئي : “صبح ساڻ کير وٺي ڏيان!”
ھُن عورت چيو: “ھا....”
ھن گينڊي جھڙي شڪل جھڙي مرد پنھنجي شھپرن کي وٽندين چيائين:
“حاضر پر جڳهه تي ڪڏھن ايندين؟”
ھُن عورت جو ھانءُ اٿلي پيو، دل زخمي ۽ روح گھائل ٿي پيس، ھُن عورت ورائي چيائين:
“صاحب ھي ٻار به تنھنجو ٿي سگُھي ٿو، آئون جڏھن ٻالڪ ھيس ۽ تنھنجي گھر نوڪراڻي طور ڪم ڪيم، تڏھن توھان ماسي صفورا کي ڪجهه پيسن جي لالچ ڏئي منھنجي معصوم وجود کي داغدار ڪيو ھُو. جڏھن مونکي تنھنجي ڌي منھنجي ننڍي مالڪڻ مونکي پنھنجا ڪپڙا ڏيندين ھئي، تڏھن آئون به ان جيتري شھزادي ھيس پر تنھنجي بکايل نظرن منھنجي ننڍپڻ کسي مونکي وئشيا، طوائف جو لقب ڏنو . ”
صاحب ھڪدم ڀڙڪو کائي اٿيو چوڻ لڳو: “ ڪٿي تون سوني جي ڌي ليلا ته ناھين...”
چيائين: “صاحب نه آئون تنھنجي ڌي جي ننڍ پڻ جي دوست ۽ تنھنجي گھر ٿانوَ ٻوھاري ڪرڻ واري سخا جي ڌي شنو آھيان.”
ھمراھ حيرت ۾ چيائينس: “ڇوري تون ...!؟”
عورت وراڻيو: “ھا مان ... ”
ھمراھ يڪدم ڪرسي اڳتي ڪري ڏيندي چيائين: “ويھي رھ ھاڻ تون ڪا ڌاري ٿوري آھين.”
چيائين: “وري منھنجي گھر ڪم ڪندين؟” عورت وري ڪبوتر وانگر ڀڙڪو کائي اٿي
چيائين: “نه اھڙو ڪم مونکان نه ٿيندو”
ھمراھ چيو: “اتي توکي ڪپڙا لٽا ملي ويندا ۽ مونکي وري سياري جي سَوڙ .”
عورت گھائل نظرن سان ڏسندين چيائين:
“صاحب ! منھنجي اندر غيرت جو ذرو آھي، اتي تون منھنجي معصوم وجود سان کيڏي نڪرندو آھين ته پويان تنھنجو عياش پرست پٽ پنھنجي حوس جو نشانو بنائڻ چاھيندو ھو مان اتي نه ھلندس ڪڏھن به نه...”
چيائين: “ھاڻ ھو ٻاھرين ملڪ ويو آ تعليم حاصل ڪرڻ، تون ھل توکي ماني ڳڀو ڪپڙا لٽا، پيسو، پنجڙ ملي ويندو.”
عورت چيو: “صاحب! پر ھاڻ مون مان ڪا اميد نه رکجان ، مان ننڍڙي ھيس تڏھن ماسي کي ڪجهه پيسن جي لالچ ڏئي، منھنجي وجود کي داغدار ڪيو آھي، ھاڻ نه .... ھاڻ آئون وڏي سانئڻ جي اعتبار نٿي ٽوڙڻ چاھيان.”
ھمراھ منھن خراب ڪندي چيو: “نه ن ائين نه چئو....
عورت چيو: “صاحب ھڪ سوال ڪيان ؟” ھُن ھمراھ ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو
عورت چيو: “صاحب شھناز جي ماءُ عورت ناھي....!!؟”
مرد ڪراڙي ڀولڙي جھڙو منھن ڪري چيائين:
“ھُن نڀاڳي جي وجود مان ڪرود جي بدبوءَ ٿي اچي.”
“ھن عورت کي ٻک وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته عورت پاڻ کسڪائي پري ٿي وئي ھمراھ ٿڌو ساھ کڻندي چيو:
“اسان کي تو ته پنھنجي ڀاڪرن لاءِ سڪائي ڇڏيو آھي”
عورت ڪوڙي مرڪ چھري تي سجائي چيائين: “اوھان زالن وارا جيڪڏھن سڪو ٿا ته ڪنوارا ڪيڏانھن ويندا؟”
ھن عورت چاھندين به دل تي پٿر رکي ٽوڪ ھڻي ڇڏي . ھن ھمراھ ھن کي کير ته وٺي ڏنو پر کير جي عيوض پنھنجي بنگلي تي پنھنجي بستر جي ٿوري رونق گھري ڇڏيائين.... عورت پنھنجي ٽٽل جزبا کڻي ٿڪل ٽٽل ساڻي پٺيري ٿي ھلڻ لڳي درد جي پيڙا ۾ سوچيندين ڏٺم ته اندر ئي اندر ۾ اوڇنگارون ڏئي روئي پوندي پر ھو ماءُ ھئي انڪري چاھندين به نه روئي سگھي چاھيندين به ٻه لڙڪ لاڙي نه سگھي.
...