شام جو لھندڙ سج
جڏھن شام جولھندڙسج آخري لمحن مان گذري، پنھنجي پڄاڻي تي پھتو، تڏھن ڪاري جوڙي ۾ ڪا پري منھنجي تصور جي دنيا ۾ اچي ويٺي چيائين:
“رولاڪ اڄ ڊسمبر جي آخري شام آھي اڄ مان توکي ڪجهه ڏيڻ چاھيان ٿي.”
ڪنڌ ورائي پچيم: “ڇا ٿي ڏيڻ چاھين ، مان رولاڪ پٿرجھڙي دنيا ۾ لفظن جو ڪشڪول کڻي ھلڻ وارو ماڻھو تون مونکي ڇا ڏيندين.”
چيائين : “ڪجهه يادون، ڪجهه پل ڏيڻ آئي آھيان سائين !”
ھن جي انھن لفظن منھنجي دل ۾ ھلچل مچائي ڇڏي، منھنجو اتاولو روح آڪاش جي اونچائي ۾ ڪنھن پکي جيان اڏري رھيو ھو، منھنجي منھن تي مرڪ ليئو پاتو چيائين: “ سائين! منھنجي لاءِ ڇا آھي تنھنجي لفظن واري ڪشڪول ۾...؟ ”
چيم: “سانئڻ ڇا کپي؟ منھنجا لفظ ايترا امر، ايترا مقدس ته ناھن جو مان تنھنجي مقدس سُونھن تنھنجي حسن، تنھنجي مرڪ تي لکي سگھان، تون ڪنھن ڏور آڪاش تي چڪندڙ چوڏنھن جي چنڊ جيان آھين، مان پٿر جھڙي دنيا جو معمولي انسان توکي ڏسڻ جي ته حسرت ڪري سگھان ٿو پر توکي ڇُهڻ جي گستاخي نٿو ڪري سگھان، ھا مان توکي چاھي سگھان ٿو پر توکي حاصل ڪرڻ منھنجي وس ۾ ناھي ڇو جو تون جنت جي حور آھين، حورون مان جھڙي سرڪش رولاڪ جي نصيب ۾ ناھن ھونديون.”
ٿورو ڪاوڙ ڪندي چيائين: “رولاڪ غلط ڳالھيون نه ڪندو ڪر، آئون تنھنجي پوجا جي لائق ناھيان.”
دل ۾ طوفان اٿيو چيم: “تون منھنجي لاءِ سنڌو ندي جيان مقدس آھين ، تون منھنجي محبت جو معراج آھين.”
ھو مسڪرائڻ لڳي ھن جي مٺڙي آواز ۾ ڀٽائي جا ڪي بيت گنگنائي رهي هئي، منھنجي دل ۾ سرور جي ھلڪي لھر آئي ھر طرف خاموشي ڇائنجي وئي وري مونکي منھنجو اڻپور خواب ياد پيو اڻ ڏٺل پرين جا پور ، ڊسمبر جي آخري شام جو لھندڙ سج ھن جي ياد جا نه گذرندڙ ڪجهه پل.
...