شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

پَر ڪٽيل ڪبوتر

پَر ڪٽيل ڪبوتر
اڄ رات ٿورو سيءُ آھي، منھنجا ھٿ ڪُنبي رھيا آھن، دل جي گرم باھ ھٿن تائين پهچي نه سگھي آھي، مان سمجھان ٿو، منھنجي دل مري وئي آھي، وري ٿورو سوچيم ته روح ڪڏھن ناھي مرندو. دل درد سھندي سھندي مٽي جي ڏيئي وانگر ڀڄي پوندو آھي تڏھن مان ھميشه جي لاءِ خاموش ٿي وڃڻ جي ڊگھي سوچ رکندوآھيان. آئون پنھنجي رولاڪين ۾ پورو ھيس مٿان ڪائنات جي حور سسئي جو روپ ڌاري منھنجي اڳيان اچي بيٺي، دل چاھيو ھن کي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺان ٿورو اداس ٿيندي چيائين:
“ رولاڪ....!”
چيم : “جي سانئڻ !”
چوڻ لڳي: “اڄ مونسان ڳالھي مان اداس آھيان.”
دل ۾ دردن جي واچوڙي وارو طوفان اٿيو، ھٿ جھلندي چيائين:
“رولاڪ! ڳالھائين ڇو نٿو؟ خاموش ڇو آھين؟”
چيم: “سانئڻ تنھنجا ھٿ ڪيترا ڪوسا آھن ، ڪڏھن ڪڏھن مان وٽ ڳالھڻ لاءِ ڪجهه ناھي، ھوندو ته مان ھوائي ڳالھيون ڪري ڇڏيندو آھيان”
ڪجهه حيرت مان چوڻ لڳي: “ نه رولو ٿڌا آھن.”
چيم: “نه ڪوسا آھن.”
چيائين: “ٿڌا آھن ائين چئي مونکي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيائين.”
دل چاھيو ته ڪجهه پل روڪي ڇڏيان، ڇو جو ڪائنات جي حور منھنجي ڀاڪرن ۾ ھئي. دل چاھيو ته دنيا جي ھر شئي کي روڪي ڇڏيان پر ايتري ۾ اکين جي آسمان تي اويرا ڪري وسندڙ ڪڪرن وسڻ شروع ڪيو، اکين جا لڙڪ ھن جي رخسار تي ڪري پيا ڪنھن پر ڪٽيل ڪبوتر جيان ڦڙڪي اٿي چيائين:
“ رولاڪ ! ڇا تون روئين پيو؟”
چيم: “ نه بس ڪڏھن ڪڏھن اکين جي آسمان تان اويرا ڪرڻ وارا ڪڪر وسي پوندا آھن”
ڪاوڙ ڪندي چيائين: “چماٽ اھڙي لڳي جو سُڌري وڃين.”
منھنجي اکين جا لڙڪ صفا ڪندي ڳلي لڳائندي چيائين: “منھنجا سائين!”
ھن جي وکريل زلفون سنواريندين چيم: “جي! چپن تي خشڪي ليئو پاتو اکين مان شرم ٽمٽار ٿي وھڻ لڳي، مسڪرائيندي چيائين:
“سائين !ڪجهه خوبصورت پل قيد ڪري ڇڏ.”

...