ھڪڙو رولاڪ ۽ چنڊ
مان پنھنجي خيالي دنيا۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو ڪنھن رولاڪ جيان رُلي رھيو ھيس ته منھنجي خيالي دنيا جي حور اچي بيٺي رات جي اونداھين ۾ ٻه دل ته نه مليا پر ڪجھ گھڙين لاءِ ٻه پاڇا ملڻ جو گناھ ڪري ويٺا مان به ڪجھ گھڙيون خاموش رھي.
پڇيم: “ڪير... ؟”
چيائين: “چڪور.”
منھنجي چپن تي مرڪ تري آئي.
چيائين: “کلين ٿو...”
چيم: “نه بس ڪوشش ڪيان ٿو کلڻ جي”
ھن پنھنجي گلابي چپن کي چوريندي چيائين:
“چڪور کي سڪون آھي ڪٿي؟ چنڊ جو خيال ختم ناھي ٿيندو چڪور کان .”
چيم: “نه مونسان مذاق نه ڪر ، مان پھريان مري چڪو آھيان.”
کلندين چيائين: “پوءِ ڪنھن روح سان رابطو پئي ٿئي ڇا؟”
چيم : “ها مان فقط پاڇو آھيان ، مان خالي جسم آھيان ، منھنجو روح منھنجو اندر مري چڪو آھي ، مان بس اولڙو آھيان.”
چيائين: “منھنجي چنڊ جي اداسي ڪئين ختم ٿيندي؟”
چيم: “چنڊ صدين کان اڪيلو آ ۽ ھن جي اڪيلائي جو فڪر نه ڪر، ھو اداس ھجي يا خوش پر ڪنھن کي به پنھنجي روشني ڏيڻ کان انڪار ناھي ڪندو.”
چيائين: “چڪور کي اختيار ناھي ڪو چنڊ تائين پھچڻ جو.”
چيم: “نه چڪور کي بس اڏرڻ جو حق آھي، بس اڏري وڃجان” .
دل اداس ٿي وئي آسمان ڏانھن نھاريندين چيم:
“چڪور توکي ڪٿي وٺي ھلان منھنجو ڪو به گھر ناھي، مان ڪاري راتن جو رولاڪ آھيان، منھنجي اڪيلائي توکي ماري ڇڏيندي ، منھنجا احساس خانه بدوش جي ٻارن جيان لاوارث ٿي رلي رھيان آھن ۽ مان چمڪندڙ چنڊ سان دوستي ڪري ڇڏي آھي، ھيٺ مان ازيتن جي رات جو نڪتل رولاڪ مٿي آسمان تي چمڪندڙ چنڊ بس ساڳي ڳالهه آھيون ھو ستارن ۾ اڪيلو مان ھزارين ۾ اڪيلو...”
...