سنڌ امان
ھڪ ڏينھن رولاڪين جا پنڌ پنھنجي اگھاڙي پيرن ھيٺيان لتاڙيندو اچي، پنھنجي محبت جي عبادتگاھن تي پھتس. آسمان جي وسعتن کي چتائي ڏسندي ڏسندي سوچن جي سمنڊ ۾ لٿس، پنھنجي سنڌ درتي جي سيني تي گوڏا کوڙي چيم :
“امان مونکان ماڻھو پڇن ٿا ته ڇا آئون توسان محبت ڪيان ٿو يا نه؟ منھنجي سنڌ جيجل امان ماڻھن جي انهن لفظن ڄڻ منھنجي سيني ۾ ڀالا اڇلائي ھنيا هجن.” ڪنڌ آسمان جي وسعتن ڏانھن ڪندين چيم:
“ڇا ڪنھن پٽ کان پڇن ٿا ته ھو پنھنجي ماءُ سان محبت ڪري ٿو يا نه؟ ھُو مونکان پڇن ٿا ته مان تهجد جا سجده ڪنھن کي ٿو ڪيان؟ ھُو مونکان پڇن ٿا ته منھنجو ڪھڙو مذھب آھي؟ھنن مونکي ڪڏھن مسجد مندر ۾ ناھي ڏٺو؟ امان ماڻھن جي انھن سوالن منھنجي دل تي ڄڻ قيامت برپا ڪري ڇڏي منھنجي رڳ رڳ مان ٿوھر ڦٽي نڪتو گھڙي ڪن لاءِ پنھنجو وجود دوزخ جي ته خاني ۾ غرق ڏسي سچل جو بيت منھنجي زبان تي تري آيو ،
مذھب ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا
شيخن، پيرن، پنڊتن، بيحد ڀلايا
ڪي نمازون نِوَڙي پڙھن، ڪن مندر وسايا...
ھُا مان توھان جي سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ جو پابند ناھيان پر ايتري وضاحت ڪندس ته ھا مان پنھنجي سنڌ امان سان محبت ڪيان ٿو، ھا مان پنھنجي سنڌ جيجل ماءُ کي تهجد جو سجدو به ڪيان ٿو، ھا سنڌ ئي منھنجو مذھب آھي ، ھا سنڌ ئي منھنجو ايمان آھي، آئون جيجل جو اڻٿاڪو پٽ آھيان ، آئون روز پنھنجي رولاڪين ۾ رلندي رلندي ائين ئي پنھنجي سنڌ ماءُ جي ھنج ۾ منھن لڪائي سمھي رھندو آھيان.
...