شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

تون زنده آھين

تون زنده آھين
ڪڏھن ڪڏھن انسان چاھيندين به ڪجهه ناھي لکي سگھندو، منھنجي اندر اوچتو ئي اوچتو خاموشي جنم وٺي ڇڏيو. منھنجو اتاولو روح پنھنجي چپن تي ماٺ جا تالا ھڻي ڇڏيا. جڏھن تنھنجي منھنجي وچ ۾ اسپتال جي لڳل شيشن واري ديوار اچي وئي، اسپيشل وارڊ جي ورانڊن ۾ ھلندڙ سفيد پوش ڦرندڙ نرسن، ڊاڪٽرن ۽ تنھنجي خاندان جي ڪجهه چڱن مڙسن جي پھري ڏيڻ واري سرحدن جي ديوار ھئي، تڏھن مان توکي شيشن واري مشينن ۾ ڏٺو ته منھنجي دل ڪبوتر وانگر تڙپي اٿيو ۽ توکي سڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، درد جي شدت ايتري ھئي جو، منھنجي سڏ ڪرڻ جو آواز به نڙي ۾ اٽڪي پيو. خاموشي ذھن جي زخمن کي چيٺڻ لڳي. منھنجي اکين مان لڙڪ ڪري رھيا ھئا. ان وقت ائين محسوس ڪيم ته ڪنھن تتل رڻ جي واري سرمي وانگر منھنجي اکين ۾ وجھي ڇڏي آھي. منھنجي اکين مان وھندڙ ڳوڙا ھئا، جيڪي مان ڪنھن ننڍي ٻار جيان ٻانھن سان اُگھي ڇڏيا بس پري کان توکي ڏسي جڏھن ٻاھر اچي پارڪ جي پاسي ۾ ٺھيل پٿر جي ڪرسي ته ويٺس مونکي ان وقت تنھنجو چھرو ياد پيو جڏھن تون مونکي چيو ھو:
“رولاڪ اڄ جمعي جو ڏينھن آھي، تون نماز ۾ خدا کان ڇا گھريو آھي؟”
دل اداس ٿي وئي چيم: “توکي خبر آ ته مان خدا کان صرف ھڪڙي دعا گھرندو آھيان.”
ورائي پچيائين: “ڇا گھرندو آھين؟”
اداس ٿي چيم: “مان خدا کان ڪنھن حور جي زندگي گھري ورتي آھي، مان خدا کان آخري دعا گھري آھي، بس مونکي ھن جي زندگي خيرات ۾ ڏئي ڇڏي، جنھن کي چاھڻ کان پوءِ مان مرڻ جي تمنا ڪئي آھي، جڏھن کان مونکي خبر پئي
آ ته سڀاڻي تنھنجو آپريشن آھي، منھنجي چپن تي ھڪڙو ئي جملو آھي ته مان توکي مرڻ نه ڏيندس.”
ڪائنات جو ڪل حسن رکندڙ ڇوڪري پنھنجي چھري تي مرڪ سجائي مونکي چوڻ لڳندي آھي ته: “رولاڪ زندگي ۽ موت خدا جي وس ۾ آھي.”
يڪدم اٿندين چيم: “نه نه.... خدا اڄ تائين تون منھنجي ڪا به دعا نه ٻڌي آھي پر ھي ضرور ٻڌندو.”
ھن جي اکين ۾ انيڪ لڙڪ تري آيا چيائين: “رولاڪ تون مونسان بي پناھ محبت ڪندو آھين تڏھن مونکي وڃائڻ کان ڊڄندو آھين.”
چيم: “ھا سانئڻ تون منھنجي محبت جو معراج آھين، ھُن کي درد جي اذيت ايتري ھئي، جو ھن جي ڪومايل چھري تي ھڪ غمناڪ مرڪ ليئو پائي، ٻڏندڙ سج جي آخري ڪرڻي وانگر گم ٿي وئي. مونکي خبر نه ھئي ته مان توکي شيشن جي ديوار مان آخري ڀيرو ڏسي رھيو آھيان، تنھنجي مرڻ کان پوءِ منھنجي محبت مري ويندي، منھنجي دل مري ويندي، منھنجا ننڍڙا ارمان مري ويندا، منھنجا سمورا خواب مري ويندا، منھنجا لفظ يتيم ٿي ويندا، منھنجي دل جي ھر تمنا مري ويندي، توکان پوءِ منھنجي ڪائنات موھن جي دڙي ۾ دفن ٿي ويندي، دنيا چوي ٿي تون مان سان ناھي پر ڏس، تون اڄ به منھنجي لفظن ۾ زنده آھين، تون اڄ به منھنجي تصور ۾ آھين، مان ھاڻ رولاڪ آھيان، ھاڻ منھنجي پنھنجي دنيا آھي، جنھن ۾آئون روئڻ چاھيان ٿو پر روئي نٿو سگھان توکي وسارڻ جي عادت ته ڪيان ٿو پر توکي وساري نٿو سگھان تنھنجي موت جي خبر منھنجي لاء منھنجي موت جو پيغام کڻي آئي، منھنجي محبت منھنجي ذھن جي مقبرن ۾ قيد ٿي وئي....”
...