خانه بدوش
ڇا چوان مان
پنھنجي انھن لفظن کي
جيڪي پٿرن جي شھر ۾
احساس جي ڇانوَ ڳوليندين
رلي رھيان آھن
يا خانه بدوش جي خيمن جيان
سنڌ جي درد ڀري ھوائن ۾
پکڙي رھيا آھن
منھنجون تحريرون
اوجاڳن جي صحفن تي
لکيل ھجن يا سوڳ جي
زبان سان چئي ڏيان
پر منھنجي وجود ۾
روح جي چانڊوڪي ناھي رھي
اچ پڙھي ڏس
منھنجي لفظ لفظ کي
جنھن ۾ محبت
درد، اذيت واضح آھي
منھنجي اکين کان
ننڊ پرايو ديس ٿي وئي آھي
مان ڄاڻان ٿو
منھنجون تحريرون
رات جي ڪاري پھر ۾
اوھان سڀني جي چپن تي
اچي پناھ وٺنديون
۽ لفظ لفظ سان
ڳراٺڙيون پائي
اوڇنگارون ڏئي روئنديون
ھي جيڪي سختين جا
سفر آھن
ان تي ھلي منھنجي
اکين جون
اميدون ڪچا ٻار ڪرائينديون
۽ محبت جون مڇيون مري وينديون...!!!
...