شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

اذيتن جي سلطنت

اذيتن جي سلطنت
مان زندگي سان
حساب چڪتو ڪري
ڇڏيو آھي
ھاڻي ڪي به ڏک سور
گناھ، ثواب، پيڙائون
پيشيمانيون نه رھيون آھن
بس آئون اذيتن جي راتين جو
رولاڪ گڏ ڪري رھيو آھيا ن
ماڻھن جا لاوارثي وارا لھجا
منھنجا قتل ٿيل خواب
اکين جي سمنڊ مان
نڪرندڙ ڳوڙھا
منھنجي احساسن جي اگھِاڙپ
سڀني جي ڪروڌ جا ڪجهه گل
شام جي اداسين ۾ تڙپندڙ وجود
سنڌ امڙ جي ٿڃ جا ڪجھ ڦڙا
ڇو جو مونکي ھڪڙو خط
لکڻو آھي
انھن جوانن ڏي
جنھن مونسان گڏجي
سنڌو ديش جا نعرا ھنيا آھن
مونکي پنھنجي تڪليفن سان گڏ
سنڌ جي سورن تي به
نئين تاريخ لکڻ کپي
مونکي انھن لاپتا سنڌي
دوستن جي
روئندڙ مائن جي ڳوڙھن سان
نئين تاريخ لکڻي آھي
ٻڌو! زمانو بدلجي چڪو آھي
مونسان پراڻا سوال ڪرڻ بند ڪيو
وقت ڪڏھن به پنھنجي آرسي ۾
پنھنجو چھرو نٿو ڏسي
پر ھو خود ماڻھن جي چھري کي
آرسيون بڻائي ڇڏيندو آھي
منھنجي چھري تي
شڪست جا تاثر ناھن
تون ڇا ٿو ڄاڻڻ چاھين ته
مان ڪير آھيان
ته ٻڌ مان ان بيوس عورت جو پٽ آھيان
جنھن سان تاريخ ۾ مائٽيلي ماءُ
وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي
ھا مان به سنڌ ڌرتي جو
اڻ ٿانيڪو پٽ آھيان
جنھن پنھنجي زندگي جي
اذيتن سان گڏ
پنھنجي ماءُ جي ڏکن تي به
نوحه لکيا آھن
منھنجو نالو به ساڳيو آھي
مان به مٽي جو ھڪڙو جسم آھيان
منھنجي عمر به ڦوهه جواني جي
ڏاڪي ۾ پھتي آھي
گل ۽ انسان جي ڄمار تي
ڀروسو ڪھڙو
ھا باقي سچ ٿو چوين ته
مون وٽ ڪا وڏي ڊگري ڪونھي
منھنجي لفظن مان
ڪويتائون ٿيندو
ڇو جو مونکي پنھنجا
احساس لکڻ لاءِ
ڪنھن ڪتاب جي
ضرورت نٿي پوي
من جڏھن احساسن ۽ جذبن
جا بت تراشي ٻاھر
نڪرندو آھي
ته ڪائنات ھڪ وڏو
سچ لڳندي آھي
ڇا تون سمجھين ٿو
تنھنجي سوالن جا جواب
توکي منھنجي
ھڪڙي تحرير ۾ ملي ويا آھن
ھا مان به سردار آھيان
پنھنجي لفظن جو
پنھنجي خيالي دنيا جو
ھا ڏس آئون دردن، اذيتن
جي سلطنت پنھنجي ھٿن جي
تري تي کڻي بيٺل آھيان
ھا اچي ڏس مان به اڀ تي
ساڳيو ڪاري راتين جو
رولاڪ چنڊ آھيان...!!!

...