اڻ ٿائنيڪو رولاڪ
ڪاري رات جو آڪاش تي ڏٺم ته ستارا به اداس ھئا، چنڊ به مون وانگر تنھا ھو، دور دور تائين رات پنھنجي ڪاراڻ شھر مٿان اڇلي رھي ھُئي، پري پري تائين رڳو ڪتن جي ڀؤڪڻ جو آواز اچي رھيو ھيو. مان اکيون پوري دردن وارو صليب کڻي نڪري پيس مان محسوس ڪيو ته وقت جي پيرن ۾ زنجير پئجي ويا ، منھنجو جسم ساھ روڪي بيهي رھيو، دل جي پني تي لڙڪن جي مس سان تاريخ جا ورق ويڙھجي ويا . اڪيلائي واري سڪرات مونکي ذرو ذرو ڪري ڇڏيو. تڏھن منھنجي من جي قبرستان مان تنھنجي يادن جو دونھون اٿڻ لڳو . مونکي ان وقت تنھنجو اسپتال ۾ تڙپندڙ وجود ياد آيو، جڏھن تون مونکي چيو ھو:
“رولاڪ تون شادي ڪري ڇڏجان، مان تنھنجي محبت جي مينڌي پنھنجي ھٿن تي نه ھڻي سگهيس پر تون پنھنجي جواني جي مينڌي ڪنھن ٻئي عورت جي ھٿن تي لائڻ جو واعدو ڪر.”
آئون تڙپي اٿيس. ۽ مون چيو:
“زندگي تون ٺيڪ ٿي ويندين ، تون منھنجي آھين، ازل کان ابد تائين ، تون بس منھنجي آھين، مان خدا کان پنھنجي جواني جي عبادت عيوض بس توکي گھرندس بس تنھنجي پيار جو چيلو ڪٽيندس، تون ٺيڪ ٿي ويندين.”
تون روئندڙ اکين سان ڏسي ڪپندڙ چپن سان مونکي چيو ھو:
“رولاڪ تون 22سالن جو نوجوان آھين، تون شادي ڪجان، توکي مان کان به وڌيڪ پيار ڪرڻ واري ملي ويندي، مونکي اجازت ڏي ته بس خدا مونکي تڪليفن کان آزاد ڪري، منھنجي موت جو وقت مقرر ٿي چڪو آھي، آئون مري ويندس رولاڪ.”
تڏھن مان پنھجي اکين جا لڙڪ توکان لڪائيندي چيو ھو ته:
“مان توکي مرڻ نه ڏيندس نه تون منھنجي ساھ جي تند آھين، تون منھنجي محبت جو معراج آھين.”
تڏھن تنھنجي کاٻي پاسي بيٺل گلابي چپن واري نرس مونکي ڪاوڙ مان ڏسندين چيو ھو ته: ”آپ باہر جائیں !“
مان توکان ھٿڙو ڇڏائي ٻاھر نڪرڻ لڳس ته منھنجو وجود سڄو تنھنجي اندر رھجي ويو، بس ٻاھر منھنجو جسم نڪتو مان محسوس ڪيو ته منھنجو حقيقي موت ٿي ويو آھي. اڄ ڏس مان 26 سالن جو نوجوان آھيان، اڄ به تنھنجي محبت جي پسايل مينڌي منھنجي لڙڪن جي پاڻي سان روز تازي ڪندو آھيان روز تنھنجي محبت جي مينڌي پُسائيندو آھيان، اچ نه پنھنجي رولاڪ وٽ اڄ به تنھنجي محبت جي مينڌي تنھنجي انتظار ۾ پُسيل آھي زندگي خبر اٿئي نه قسمت وارا مينڌي ھڻندا آھن، اسان جھڙا رولاڪ پنھنجي محبت جي پيڙا ۾ پنھنجو ئي وجود وڃائي ويھندا آھن.”
...