شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

اي چنڊ! تون اھو آھين

اي چنڊ! تون اھو آھين
اي چنڊ! تون اھو آھين، جيڪو ھتان کان پرين کي پيو ڏسين، جيڪڏھن آئون توکي پنھنجي لڙڪن سان ڍ دل جو احوال لکي ڏيان ته ڇا تون منھنجي ماکي لار مٺڙي پرين کي ٻڌائيندي ته رولاڪ کي اڪيلائي سودائي ڪري ڇڏيو آھي، ھو پنھنجي محبت کي وري رڻ ۾ ڳولڻ نڪتو آھي، ھو وري تصور ۾ جيئڻ جو عادي ٿي چڪو آھي، ھو ھاڻ گھڙي کن لاءِ به ٻاھر ھلي نه سگھندو. رولاڪ احساس کان سواءِ جي نه سگھندو، انڪري مان پاڻ کي اوندھ جي اڪيلائي جي غارن ۾ پاڻ کي صليب تي اڪيلو لٽڪندي ڏسندو آھيان. اوچتو ھوائن ۾ گلابن جي خوشبو وکري وئي سانئڻ نارنگي جوڙو پائي، سنڌي ھرمچي وارو رئو اوڍيل سامھون آئي ته دل جي دنيا وري ڪجهه پلن لاءِ آباد ٿي وئي. اکيون اکين ۾ وجھندي چيائين:
“رولاڪ ايڏو اداس نه ٿي مان تنھنجي اداسي تنھنجي حصي جا درد تنھنجي حصي جا ڏک ورھائي ٿي کڻان.”
چيم: “نه سائنڻ تون منھنجي لاءِ سنڌ منھنجي جنت جي سنھري مٽي مان ٺھيل مقدس عورت آھين ، مان توکي صدين کان سانڍي رکيل درد ورثي ۾ ڪئين ٿو ڏئي سگھان؟ مان توکي محبت جي بدلي، ڏک تڪليف اذيت نٿو ڏئي سگھان، ھا مان نٿو ڏئي سگھان.”
ٿڌو ساھ کڻندي چيائين: “ڇا رولاڪ تون مونکي ٻين مردن وانگر پاتالن ۾ اڇلائي ويندي”
چيم: “نه نه مان توکي پاتالن ۾ نه اڇلندس، آئون توکي بي پناھ محبت ڪندس، تنھنجي محبت جي ھر تهجد ادا ڪندس، آئون توکي ڪاري رات جو گوڌڙو فقير ٿي ڳوليندس، تنھنجي اچڻ جو چلو ڪٽيندس.”
اکين ۾ لڙڪ تري آيس ، رئو پنھنجي آڱرين ۾ وٽندي چيائين:
“رولاڪ ! رڳو رولاڪ تون ناھين، اسين به رولاڪ ٿيا آھيون.....!”
...