شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

پاڇي سان پيار

پاڇي سان پيار
اڙي دل !
تنھنجا گنگھار آھيون
محبت ڪري سزا وار آھيون
آئون ڪڏھن ڪڏھن
صحرا ۽ رڃ جي طرف
نڪري پوندو آھيان
تتل واري تي جڏھن
سج جا ڪرڻا منھنجي
ميري بدن کان پار ٿي
زمين تي لڳندا آھن
تڏھن آئون به ساڻو ٿي
پوندو آھيان
ڇو جو آئون رولاڪ آھيان
آئون ڪنھن حور جو رولاڪ آھيان
آئون اڪثر ڪري پاڇن تي
اعتبار ڪرڻ جو ھيراڪ آھيان
مونکي خبر آھي ته
اڄ ڪلھ جي دور ۾ پاڇا
انسان کان به وڌيڪ تيز ڊوڙندا آھن
مان ڄاڻا ٿو ته
آئون انھن پاڇن کي
ڪونه پڄندس
بس پٺيان ڊوڙندو رھندس
مان ھر تحرير
ھن پاڇولي تي لکي آھي
جنھن سان مان
روز پيار ڪندو آھيان
ڪڏھن تصور ۾ ته
ڪڏھن حقيقت ۾
مونکي ڪڏھن ڪڏھن
پنھنجي
پاڻ تي کل ايندي آھي
يا وري ڪڏھن ڪڏھن
پاڇن سان منھنجي محبت
جي شدت ۽ سچائي ڏسي
مونکي پاڻ تي ڏک ٿيندو آھي
ته مان رولاڪ جنھن سان پيار
ڪري ويٺو آھيان
جنھن کي روشني
سمجھي ويٺو آھيان
سو ته بس پاڇولو آھي
وري پنھنجي ئي غلطين تي
ٽھڪ ڏئي سوچيندو آھيان
ھو پاڇولو آھي
۽ آئون فريب دوکو
کائڻ جو شوقين آھيان
مان ھڪ ڏينھن پنھنجي
پاڇولي کي چيو ھو
آئون وري دوکو کائڻ گھران ٿو
مونکي تون دوکو ڏيندين
مان وري توسان پيار گھران ٿو
تون ٿوري تڪليف ڪر
مونکي دوکو ڏي
منھنجي پاڇي
مونکي جواب ڏنو
توکي يقين جي نالي تي دوکو ڏيان
چيم ھا مونکي يقين جي
نالي تي دوکو ڏي
پاڇو روڊ ٿي لڳل بلب جي
روشني ۾ چرڻ لڳو
وارائي چيائين
توکي يقين جي نالي تي دوکو ڏيان
چيم ھا مونکي يقين جي
نالي تي دوکو ڏي
تنھائي جي آواز
ديوارن سان ٽڪرائجي
منھنجي وجود کي جنجھورڻ لڳي
ڪاري رات جي صدا چوڻ لڳي
رولاڪ آئون تنھنجي آھيان
تون صرف منھنجو آھين
مونکان سواءِ
ٻئي ڪنھن جو ٿي نه سگھندين
دماغ جي مقبرن ۾
ھن جي لفظن جي آواز بلند
ٿيڻ لڳو
دل موئن جي دڙي جي
آثارن وانگر زبون لڳي
وھندڙ اکين جو آب اگھندين
چيم ھا تنھائي
مان تنھنجو آھيان
ھوائن جا شوڪا تيز ٿيڻ لڳا
پاڇولو مونسان گڏ ڦرڻ لڳو
شھر جي روشناتي بلبن جي
چمڪاٽ کي ڏسندين
چيم آئون دوکو کائڻ
جو شوقين آھيان
آئون بس پاڇولن سان
پيار ڪرڻ واري
موسم تي يقين ڪندو آھيان
آئون روز نئين درد کي جنم ڏئي
ان تي لکڻ پسند ڪندو آھيان
ڇو جو مون وٽ روح جي
زخمن جي تجارت آھي
مان وٽ اڻپورن
خوابن جي ملڪيت آھي
مان پاڇولن سان پيار ڪرڻ
لاءِ نڪتل رولاڪ آھيان
مونکي محبت جي دليلن
سان نه پرچائي
مان فريب کائڻ جو
عادي ٿي چڪو آھيان.
...