شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

وڇڙي ويل پکي

وڇڙي ويل پکي
سج جڏھن شام جو پاڇو کڻي
اچي سمنڊ جي
آخري سلامي ڀريندو آھي
تڏھن سمنڊ
بلڪل ڳاڙھو ٿي پوندو آھي
تڏھن منھنجا خواب
ڪنھن ولر کان وڇڙي
ويل پکي جيان
ڪنھن ڏور
آڪاش تي اڏندڙ نظر ايندو آھي
تڏھن مان ڪنھن
پينو فقيرجيان
پنھنجو ڪشڪول کڻي
پنھنجي دردن جي خيرات
وٺڻ نڪرندو آھيان
۽ مان اڪيلو تنھنجي يادن
جو ڪشڪول کڻي
دردن جي صليب تي
نڪري پوندو آھيان
پر مونکي خبر ناھي ته مان
آخر وٺڻ ڇا ٿو اچان...!!!
...