نيـڪ بنـدي
ڪنھن ڏينھن درگاھه تان واپسي موٽندي چيائين : “رولو تون ھتي ڇا ڪرڻ ايندو آھين؟”
چيم: “آئون پنھنجي مقدس محبوب جي زيارت ڪرڻ ايندو آھيان.”
ھن جي چھري تي مرڪ تري آھي، ٿورو مسڪرائيندي چيائين: “پوءِ زيارت ڪيئي !؟”
چيم: “ھا پر منھنجي محبوب جي چھري ۾ نور ايترو آھي، جو دل ڀرجي نٿي ڏسڻ کان بس دل چوندي آھي وٺو ڏسان توکي....”
چھري تي ٿوري مرڪ سجائي چيائين:
“رولاڪ، ڇسا، بيوقوف مونکي گھڻي تعريف نه وڻندي آھي، پر تون ڪندو آھين ته سٺي لڳندي آھي.”
ايتري ۾ گذرندڙ فقير جي پاسي وڃي ، بيٺي پنھنجي مٿي جو رئو صحيح ڪندي چيائين:
“فقير سائين! دعا ڪر ته ھي بيوقوف، حوالي شخص منھنجو ٿئي، آئون ھر جنم ۾ ھن جي ٿيان، اسان جي شادي ٿي وڃي فقير سائين دعا ڪر ....”
آئون پاڻ فقيرن جھڙو رولاڪ شخص ٿورو فقير کان اڳتي بيٺو ھيس ھُو فقير کان ٿي ايندي روئاڻڪي آواز ۾ چيائين: “رولاڪ اڄ فقير سائين وڏي ڳالهه ڪئي آھي”
مزاق ڪندي چيم: “وري ڪھڙي ڪٿي ھن نئين وزيري اعظم جي لھڻ جي پيشن گوئي ته نه ڪئي آھي؟”
چيائين: “نه رولاڪ ھن جواب ڏيڻ بدران اڌ رئو منھن تي رکي سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ روئي پئي.”
مان کيس روئڻ جو سبب پڇيو ٿورو روئي پوءِ ٿڌو ساھ کڻي روئڻ بند ڪري ڇڏيائين ھن جا ٻئي ھٿ پنھنجي ھٿن ۾ ڏئي اٿت ڏيندين چيم:
“ٻڌا ڪراڙي فقير ڇا چيو ؟”
سڏڪندي چيائين: “
فقير سائين چيو ته : اي خدا جي بندي، اللهّ راھ ۾ پنھنجي سڀ کان پياري شيءَ قربان ڪر.”
چيم: “ان ۾ روئڻ جي ڪھڙي ڳالهه آھي”
ھن ٻيهر اوڇنگارون ڏئي روئڻ شروع ڪيو، سڏڪا ڀرندي لڙڪ پنبڻن جا بند ٽوڙي ڳلن تي وکري رھيا ھئا، مان کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پنھنجا لڙڪ اگهندي چيائين: “ رولاڪ ٻڌائي ته ڇا قربان ڪيان؟”
چيم: “ڪجهه نه بس خدا کي چئو معافي ڏي.”
يڪدم ڪاوڙ ۾ چيائين: “مطلب انڪاري ٿيان بيوقوف ! خدا جي راھ ۾ ڏيڻ کان انڪاري ٿيون، ڪافر ٿيون، ڀلي دوزخ ۾ وڃون.”
چيم: “نه نه ائين ناھي، آئون ويٺو آھيان، مونکي قربان ڪر.”
چيائين: “رولاڪ آئون مذاق جي موڊ ۾ ناھيان .”
چيم: “سانئڻ مذاق ناھي..... مون جھڙي گنگھار شخص جي به خدا جي راھ ۾ قرباني ٿيندي آھي ڇا...؟”
پنھنجي منھن کلڻ لڳس ، پنھنجي منھن چيم:
“آئون گنگھار دوزخي منھنجي قرباني به رب قبول نه ڪندو.”
سانئڻ ڪاوڙ ۾ چيائين: “رولاڪ خبردار ائين نه چئه، تون ته مونسان گڏ جنت ۾ ھلندي، آئون حافظه قران آھيان، آئون توکي جنت ۾ وٺي ويندس، وري اداس ٿي وئي.
چيم: “ڀلا تنھنجي سڀ کان پياري شيءَ ڪھڙي آھي؟” ٿوري دير سوچي مونکي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري وري اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي .
روئندي چيائين: “منھنجي دنيا ۾ سڀ کان پياري شيءَ تون آھين، مان ان وقت محسوس ڪيو ته ھو اندر ئي اندر ۾ ڦارون ڦارون ٿي وئي ھئي.”
...