شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

صدين جا گم ٿي ويل ٽھڪ

صدين جا گم ٿي ويل ٽھڪ
چيائين: “ڏِس مونکي سنڌي ڳالھئڻ اچي وئي آھي، ھاڻ مان به تون سان سنڌي ۾ ڳالھيندس.”
مان مرڪندين چيم: “ڇا ڳالھيندين...!؟”
چيائين: “جيڪو اوھان سيکاريو آھي.”
چيم: “ڇا سيکاريو آھي؟”
“جيڪو سيکاريو اوھان سائين ”.
چيم: “اڇا ته پوءِ مان سوال ڪيان؟”
چيائين: “ھا مونکي سبق ياد آھي.”
چيم: “ته پوءِ ھڪ چڪر چئو نه “ڏيڏر”.
مرڪندين چيائين: “نه ان لفظ تي تون کلندين، مونکي خبر آ مان نه چونديس.”
چيم: “ڏِس منھنجي ڳالهه نٿي مڃين نه.”
چيائين: “ رولاڪ تون ضد ڇو ڪندو آھين ٻڌا...؟ ھل ڀلا ٻڌايان ٿي، کلندين نه؟”
چيم: “نه کلندس بس....”
چيائين: “ڍيڍر...”
منھنجي لبن تي انيڪ مرڪون تري آيون.
چيم: “ڪيتري نه مٺي ٻولي آھي تنھنجي...!”
ھن جي لبن تي مرڪ ليئو پاتو، پنھنجو رئو آڱرين ۾ وٽندين چيائين :
“منھنجو سبق نه ٻڌندين سائين؟”
چيم: “اڇا ڀلا ٻڌا ڇا سکيو آھي؟”
چيائين: “مان توسان بي حد محبت ڪندي آھيان، تون منھنجي سر جو سائين آھين، مان توکان بغير اڻپور اڌوري آھيان.”
کلندين چيم: “توبه توبه ڪر.... سنڌي جا ڪجھ لفظ سکيا سي به ڪوڙ.”
چيائين: “توکي ڪوڙ ٿا لڳن؟”
چيم: “جي چوان ھا ته....!؟”
چيائين: “مان پنھنجي زبان ڪٽي ڇڏيندم، پر توسان ڪوڙ ڪڏھن به نه ڳالھنديس.”
اکين ۾ لڙڪ تري آيس چيائين: “خدا جيڪڏھن منھنجي ھڪڙي دعا قبول ڪري ته مان ھر دعا جي عيوض توکي گھران.”
چيم: “ھا گھڻو ٿيو رو نه نت ڍيڍر اچي ويندا.”
ھن جي لبن تي ڦڪي مرڪ تري آئي ۽ کلندين چيائين:
“ رولاڪ توبه تائب ٿي، ڌڻي در دعا گھر.”
چيم: “سانئڻ منھنجي ثوابن واري ساهمي جو پلڙو بلڪل خالي آھي، منھنجي گناھن وارو پلڙو ڀريل آھي، منھنجي لاءِ ملائڪ به ڪات ڪھاڙا تکا ڪيون ويٺا آھن باقي مان توکي چاھڻ پوءِ مان دعا گھرڻ ڇڏي ڏني آھي.”
ڪاوڙ نڪ تي سجائيندين چيائين: “رولاڪ اھڙيون ڳالھيون نه ڪر، بس ڌڻي در توبه تائب ٿي، ڌڻي در شڪر ادا ڪر ته توکي ھن دنيا ۾ حور ملي وئي آھي.”
چيم: “جيڪڏھن نه ملي ھا ته منھنجو روح رولاڪ ٿي توکي ڳولڻ لاءِ ڀٽڪندو رھي ھا”.
...