شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

اڪيلائن ۾ روئندس

اڪيلائن ۾ روئندس
چيائين: “رولاڪ منھنجو وقت پورو ٿي ويو آھي، آئون توکان اجازت وٺندس .”
دل اداس ٿي وئي، پنھنجا لڙڪ اگهندين چيائين:
“رولاڪ مونکان پوءِ تون ڪنھن سٺي ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏجان.”
ھن جي ان جملي ھيانوَ ۾ ھٿ وڌو باھ وانگر ڀڙڪو کائي اٿيس، پنھنجو رئو انڱر ۾ وٽيندي چيائين:
“رولاڪ منھنجي فيصلي تي افسوس ته نٿو ٿئي نه.....”
منھنجي درد ڳلي ۾ اچي اٽڪي پيو ڪجهه چئي نه سگھيس.
چيائين: “تنھنجي خاموشي کي آئون ڇا سمجھان؟”
ھن جي اکين ۾ ڏسندي چيم: “سانئڻ توکان جدا ٿي مان زندگي کي اذيت طور قبول ڪندس، خدا جي طرفان ڏنل ڪنھن سزا طور قبول ڪندس، توکان پوءِ شھر جون روشناين کي آئون ويران لکندس”
ھن جي چھري تي ڏک پنھنجون پنکڙيون کوليون، ھن پنھنجو منھن ٻئي طرف ڪري روئڻ لڳي، مان ھن جي سڏڪن جا آواز ٻڌا مان سڏ ڪيو:
“سانئڻ ! ”
ھن مان ڏانھن ڏسندي اکين جا لڙڪ صاف ڪندي چيائين: “رولاڪ خبر اٿئي مان سڪرات ۾ به توکي محسوس ڪيو وري سڏڪن ۾ ڀرجي وئي، جيڪڏھن آئون مرد نه ھجان ھا ته اتي ئي روئي پوان ھا.”
ھن جي سڏڪن جو آواز منھنجي روح ۾ لھندو ويو. دل چاھيو ته ھن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيان، پنھنجو ھنج ھن کي روئڻ لاءِ ڏيان ڪجھ دير خاموش ٿي چيم:
“سانئڻ! آئون صحرا ۾ مينھن جي ڦڙي وانگر آھيان، جيڪو ڪِرڻ کان پوءِ گم ٿي ٿو وڃي، پر مان توکي وساري نه سگھندس ، سانئڻ آئون تون وانگر ڪنھن جي ڪھلي تي منھن رکي روئي نه سگھندس، توکان پوءِ لڙڪ ھوندا مون وٽ پر ڪلھو ڪونه ھوندو آئون رولاڪ پنھنجي اڪيلائن ۾ روئندس.”
...