اڪيلائيءَ جو نظم
گهر جي ڇت تي ويٺي ويٺي
دير دير تائين
سوچيندي رهيس
هوءَ پري ٿو رهي شايد
تڏهن ٿي
پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيان،
مون وري سوچيو
پر هو گڏ هوندي ڪهڙو گڏ هوندو آهي؟
مُون چنڊ جي مڌر روشنيءَ ۾
اڪيلائيءَ جو نظم لکندي
پاڻ کان هر هر هڪڙو ئي سوال پئي ڪيو!
۽ جواب به هڪ ئي پئي آيو ته
پري هجڻ اڪيلائي نٿي ٿي سگهي،
ڪير ڪنهن سان گڏ هوندي به
گڏ نه هجي
اُن درد کي به ته
اڪيلائيءَ جو نالو ڏئي سگهجي ٿونه!
ان رات هو آيو
هر رات جيان
مون سان ڄڻ ته
وسڪيءَ جي بوتل پئي ڳالهايو!
هو گهڻن ڏينهن کانپوءِ
منهنجي اکين تي
چپ رکي
منهنجي بدن جي بيقراريءَ کي
ڇاڻڻ جي ڪوشش ڪندي
وري به
پرتي منهن ڪري سمهي پيو!
مون اُن وقت وري سوچيو
ڪنهن مرد سان پيار ڪري
سندس دل ۽ ڌيان کٽڻ
شايد مشڪل ڪم آهي!
هو دير سان اچي
منهنجن اکين تي چمي ڏئي
پاڻ ته سُمهي پيو
پر مان وري جاڳ جي نشي ۾
پاڻ کي
خالي ڪمري جيان محسوس پئي ڪيان!
مون هن جو ڪٻٽ کولي
پهريون ڀيرو وسڪي کڻي
پنهنجي درد کي پيئڻ شروع ڪيو!
توڙي جو وسڪيءَ جي ڪڙاڻ ۾
منهنجي دل ٻُڏي چڪي هئي
۽ هوش حواس ذري گهٽ
وڃائي ويٺي هُيس
پر
پوءِ به منهنجي اندر جي عورت
هن کي پُٺي ڏئي سمهڻ کان انڪار ڪندي
چئي رهي هئي؛
مڙس جو اعتماد ٽوڙي
پاڻ تي جڳ کلائڻ نٿو سونهين!
هن جي اڄوڪي رات واري
اکين تي ڏنل چمي
شايد اڪيلائيءَ جو علاج هجي!
مان تڪڙا تڪڙا ٻه پئگ ٻيا به پي ويس،
۽ پوءِ هُن جي اکين تي
چپ رکي
سمهڻ جي ڪوشش ڪيم
ته هو جاڳي پيو
۽ چوڻ لڳو
اڪيلائي مونکي پيئندي ٿي وڃي
تون مون کان هاڻي پري نه وڃجانءِ
منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا
مون سوچيو ،
پري رهڻ به اڪيلائي ٿيندي هوندي
پرگڏ رهندي هڪٻئي کي
سمجهي نه سگهڻ
اڪيلائيءَ جو وڏو درد آهي!