جلدي موٽِي آ
باک ڦٽيءَ تائين مان تنهنجي ڀاڪر ۾
تڙپندي رهندي هيس،
مون سوچيو پئي رات نه ٿئي ها ته
نه مان تنهنجون اکيون ايترو
ويجهڙائي کان ڏسي سگهان ها!
نه ئي شاعر جاڳي
انتظار ۽ وڇوڙي جا گيت لکي سگهن ها!
تون موڪل تي ايندو آهين ته
موڪل جلدي ڇو گذري ويندي آ؟
توکي وري الائي ڪڏهن موڪل ملندي؟
چون ٿا ته بارڊر تي ڇتي ويڙھ هلي پئي
۽ تنهنجي ڊيوٽي
سرحد ڀرسان گليشيئر تي لڳي آهي!
اها به سُڌ پئي آ ته
تنهنجا ڪيترا ئي ساٿي برف جي ڪئنن سان
ڊگهي ننڊ سمهي پيا آهن!
مونکي خبر آ
توکي شام جو پهر تمام گهڻو وڻندوآ
پر مونکي،مونکي وري
رات جي خاموشي، چنڊ جون چلولايون،
ستارن جي جهر مر
۽ تنهنجو گڏ هجڻ وڻندو آهي!
اهو ته تون به ڄاڻين ٿو ته
جدائيءَ جي وهاڻي تي سمهڻ
مون لاءِ هاڻي ممڪن ئي ناهي!
خبر ٿئي
تون ته ڊيوٽيءَ تي هليو وئين
پر هاڻي هر رات
وڏيري جو پُٽ منهنجن پيرن ۾
زنجير ٻَڌي منهنجون اکيون
ٻُوٽرائڻ چاهي ٿو!
هو چاهي ٿو ته مان تو لاءِ
پنهنجي دل جا ۽ گهر جا
سڀ دروازا بند ڪري
هُن جي ٻانهن هيٺان
پنهنجا وار وڇائي ڇڏيان!
هن کي ڇا سڄي ڳوٺ کي خبر ناهي ته
منهنجي اکين جي، وارن جي
ڳٽن جي، ماڻن جي
۽ انگل آرن جي وارثي
تنهنجي پهرئين ڀاڪر سان ئي
سلهاڙيل آهي!
فون هئنگ ٿي ويو آهي
گهڻئي ايلاز ڪيامانءِ ته
ٻه اکر پڙهي وٺان، پر تو پڙهڻ ڏنو ڪونه!
هاڻي ته خط به ڪانه ٿي لکي سگهانءِ!
بس تون هاڻي جلدي موٽي اچ
توکي
منهنجا آلا وار وڻندا آهن نه!
مان روز وار آلا ڪري
آئيني جي سامهون بيهي
پاڻ کي ڏسي ڏسي ٿڪجي پئي آهيان!
اُن آسري تي ته
تون اِجهو ٿو واپس اچين
پر رات کان پاڙي جي زائفن جا
لٿل منهن
۽ ڳوٺ واري گڏيل اوطاق تي غير رواجي
هلچل ڏسي
منهنجي دل گهٻرائي رهي آهي
ڪٿي تو رسڻ جو ته ناهي سوچيو؟