ٻانهون ڪير مَروڙيندو؟
_________________
آئيني جي سامهون بيٺل ڇوڪري
پنهنجي ئي اکين ۾ جهاتي پائي
سوچڻ لڳي
لڙڪ سُڪي به ويندا آهن ڇا؟
مان رُني ته هيس پر
نه ڳل آلا ٿيا آهن نه ٽشو پيپر ئي ڀِڳوآهي!
درد به پنهنجي صورت
تبديل ڪندو آهي ڇا؟
بي حسي، بيوفائي ۽ ڌوڪو
جدائيءَ جي لذت جو مزو ئي ماڻڻ نٿا ڏين!
وڇوڙي جي گيت کي ڪو
ٻُڌڻ وارو ناهي ته
سُر به پنهنجو سُرور وڃائي ٿا ويهن!
هوءَ وارن ۾ برش ڦيرائيندي
پنهنجي ڇاتيءَ، پنهنجي چيلھه
۽ ڳٽن جي ڊمپلس ڏانهن ڏسندي
پاڻ کي چوڻ لڳي؛
جوانيءَ جي هِن اڱڻ تي
ڪنهن کي به رنگ هارڻ نه ڏينديس.
هو منهنجا خواب ته
ڀورا ڀورا ڪري ويو!
پر منهنجون اکيون
جيڪي سڄي شهر کي وڻنديون هيون
انهن جو پاڻي به چورائي ويو!
هن کي پاڻ تي غصو اچڻ لڳو!
پنهنجن اکين،چپن ۽ وارن ڏانهن ڏسندي
ٻيهرچوڻ لڳي
پر هن حسن، جوڀن، ۽ جمال کي
اڪيلائي ته ويتر ماري وجهندي.
منهنجي خيال ۾
اکين جي ڳوڙهن کي ٻيهر تلاش ڪري
ڪنهن جي هنج ۾ هارجي!
ڪنهن نئين درد کي ڳولي
پاڻ سان گڏ سمهارجي!
جي ايئن نه ڪيم ته
منهنجي اندر جو رنگ ڦڪو ٿي ويندو.
منهنجون ٻانهون ڪير مروڙيندو
منهنجون ٽُٽل
چوڙيون ڪير ميڙيندو!؟
پيرن جي پازيب زنگجي ويندي،
مان آئيني جي سامهون
شايد ٻيهر ڪڏهن بيهي به نه سگهان !