مٽيءَ جو شاعر
هو پاڻ ۾ بحث ڪندي اُلجهي پيا
هڪ چيو پئي:
مان پنهنجي ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيڻ چاهيندس
ٻيو چوي پيو :
مان چنڊ تي
دفن ٿيڻ جي وصيت لکي ڇڏي آهي
مون کانئن پڇيو اوهان ڪندا ڇاهيو؟
هڪ چيو مان شاعر آهيان
ٻئي چيو مان ڪهاڻيڪار آهيان.
مان مُنجهي پيس
هي ته ڏاها ماڻهو آهن!
مُنهنجي راءِ جي هنن اڳيان ڪهڙي حيثيت؟
شاعر کي چنڊ پيو وڻي
ڪهاڻيڪار کي ڌرتي،
مون سوچيو هي چنڊ توڙي ڌرتي
ڪنهن جي تخليق ئي ته آهن
مان ڪنهن کي گهٽ ڪيان
ڪنهن کي وڌ ڪيان،
مان نه وڏو تخليقڪار نه ايڏو تجربيڪار،
هڪ ٻيو ماڻهو اسان کي پريشان ڏسي
پُڇڻ لڳو
ڪهڙي ڳالھه تي اُلجهيا پيا آهيو؟
مون کيس سربستو حوال ڏنو
هو کلڻ لڳو
مون حيران ٿيندي کانئس کلڻ جو سبب پُڇيو؟
چوڻ لڳو بابا
هُنن جي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙاءِ
ڪٿي پاڻ نه ٽنگجي وڃين!
هي چاهين ته
چنڊ لاهي تنهنجي جهوليءَ ۾ رکي ڇڏين!
هي چاهين ته
ستارن کي محبوبه جي وارن ۾ اٽڪائي ڇڏين!
مان اڃا وڌيڪ حيران ٿيس ته
چوڻ لڳو
خبر ٿئي
ڪالھه ويٺي ويٺي هنن چانھه جي ڪوپ تي
هڪ فورم جوڙي ورتو!
صبح جو اخبار ۾ خبر ڇپي،
ٻن ڏينهن ۾ شيڊول جُڙي ويو،
سرڪار سان لکپڙھ ٿي وئي!
سياست جي جهوليءَ ۾
هڪ ڪهاڻي پنج شعر
۽ رنگين بروشر وجهي
ويهه لک منظور ڪرائي ورتا اٿن.
ٻن ٻن سون جون شيلڊون،اوارڊ،سرٽيفڪيٽ
تيار ٿي چڪا آهن!
ايندڙ مهيني وڏو ميلو پيو لڳي!
خبر ٿئي چريا
اُتي رڳو ڪتاب ڪونه وڪامندا
ڪهاڻيون وڪامنديون، شعر وڪامندا
تقريرون وڪامنديون،تحريرون وڪامنديون!
نه صرف ايترو
پر ڪيترائي ليکڪ وڪامندا
ڪنهن جو ملھه پنج هزار، ڪنهن جو مُلھه ٻه هزار
ڪو ٽڪي ملھه به وڪامندو!
مان گهر موٽي آيس
پنهنجن نظمن کي تارازيءَ جي هڪ پُڙ ۾
۽ ٻئي پُڙ ۾ مٽيءَ چپٽي وجهي
وزن ڪرڻ لڳس
مٽيءَ جو وزن وڌي ويو!
ٻاهر نڪتس
چنڊ مُرڪيو پئي،مٽي جي خوشبوءَ
منهنجي مَن ۾ اوتجي رهي هئي
ستارا چوڻ لڳا
اڻ توريو اگهائجڻ جهڙا
مِٽيءَ جا شاعر
تون جڏهن مٽيءَ کي چمي ڏئي
لکڻ ويهندو آهين ته اسان سڀ گڏجي
تنهنجا ئي ڳل چمندا آهيون.