ڀوڳنا!
______________
سُئيءَ ۾ ڌاڳو وجهندي
هوءَ لڙڪ لاڙي ويٺي
رليءَ جي رنگن جهڙي دل
پراون هٿن ۾ ڏئي
اڃا ڪيترا ڏينهن
مُڃ ڪُٽينديس، واڻ وَٽينديس؟
مال به چارينديس،
۽ رليون به سُبنديس!
پنهنجي مُنهن ڳالهائيندي
هوءَ پنهجي حال تي
روئندي وري چوڻ لڳي
برف وانگر ڳري ڳري
حياتيءَ جا باقي ڏينهن
اڪيلائيءَ ۾ گذارڻ
ڪيترا نه ڏکيا آهن!
ڪجھه ڏينهن اڳ
ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ٿيو
’مونٽبلينڪ‘ پهاڙ ڀرسان
برفاني جبلن جي
چوٽين کي هيليڪاپٽر ذريعي
دوربينيءَ سان ڏسندي
برف جي سيني تي
هڪ پکيءَ کي ڦٿڪندي ڏٺم،
مونکي عورت جي
احساسن ۽ ُان پکيءَ جي
ڦٿڪڻ ۾
فرق صرف اهو لڳو ته
هوءَ رلي سُبندي روئي رهي هئي،
۽ هيءَ وري
ولر کان وڇوڙي جو درد ڀوڳي
شايد پهاڙ ۾ پناھ لاءِ پهتو هوندو ،
پر
پهاڙ جو ٿڌو ڀاڪر سندس
رت ڄمائي کيس
اُن عورت وانگر ماري رهيو آهي
جيڪا
رليون سُبندي به
گرم ڀاڪر لاءِ سڪندي رهي ٿي،
مون ڪالھه گهر ۾ رکيل
پراڻي صندوق کولي ته
اُن ۾ ٻه رليون پيون هيون
هڪ ۾
امان جي هٿن جي خوشبوءِ
۽ ٻيءَ ۾ منهنجي زال جي
آڱرين جو حُسن پويل هيو،
مونکي محسوس ٿيو
رليءَ جي هر ٽُڪَ ۾
حيات جا سوين رنگ،
عورت جي ڀوڳنا
۽ مُحبت جا ڪيئي قصا
ڄڻ مونکي چئي رهيا هجن ته
عورت جي پيار،لڙڪ
۽ سڏڪي کي ڪڏهن به
بي معنيٰ نه سمجهجانءِ .