ڪاش هينئن به ٿي سگھي ها
___
مُنهنجي
جنم ياترا واري ڏينهن
منهنجي ننڍڙي ڳلي مان نڪتل
پهرين رڙ تي
امان جي ٻرندڙ اکين مان
روشني جا پهريان ليئاڪا
۽ خوشيءَ وارا احساس
ڪاش مان ٻيهر ڏسي سگھان!
ڪاش اُن ڏينهن واري
صبح جي ٿڌڙي هوا
۽ پرھ ڦٽيءَ جي ڪوملتا
جهڙي پهرئين ڀاڪر
۽ اسان جي گھر واري آڳنڌ اڳيان
ادا وڏي پاران پوکيل
گلن ۽ گل ٻاٽين جي خوشبو
جهڙي پهرين چميءَ وارا
دلربا احساس
ڪو مون کي موٽرائي ڏئي!
”ادا فيض“ پاران پوکيل
اِهي گل به ته هاڻي سُڪي سڙي ويا آهن!
جن جي هُڳاءَ سان گڏ
امان جا
مزدور ۽ پورهيت پير پسار ڪندي
مونکي پنهنجي گرم ڇاتيءَ سان لڳائي
ممتا جو احساس ڏياريندا هئا!
ڪاش ڪو مُون کي
پنهنجي حصي واري کير وٽي مان
آخري ڍُڪ بچائي
اهڙي طريقي سان پياري
جنهن مان ننڍڙي هجڻ جو احساس
مون وٽ ٻيهر موٽي اچي!
۽ ها مکڻ چاڻي جهڙي نرملتا،
ٽپڪي انب وارو مٺاس
۽ انبن واري باغ ڀرسان اَڏ جي ڪپ تي
بابا پاران پوکيل
مينديءَ جي تازي ٻور واري خوشبوءِ کي
ڪالھه کان منهنجو بي قرار روح
ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو آهي!
پر مان اسپتال ۾ آهيان!
زخمين جو رت ڌوئي ڌوئي
منهنجو من ويتر بي قرار ٿي پيو آهي!
آهي ڪو؟
جيڪو منهنجي پورهيت امڙ جي
احساساتي رنگن جهڙي
ڪا هلڪي مُرڪ مونکي آڇي!
ته جيئن زندھ رهڻ جي تمنا جاڳي سگھي!
۽ زخمين جو رت ڌوئندي ڌوئندي
ٿڪجي پوڻ واري احساس کان به بچي سگھان!
۽ هو سِڪيلڌو ٻار
جيڪو سامهون واري بستري تي
سڪايل عورت جي هنج ۾
ڊگھا ڊگھا ساھ کڻي رهيو آهي!
مان ٻار جي رڳن ۾
خوشبوءَ جو واس اوتڻ ٿو چاهيان!
مان امان جي ٻرندڙ اکين مان
پهرئين ڏينهن واري روشنيءَ جا ڪجھه رنگ
هنج ۾ ٻار کڻي ويٺل
هن اُداس عورت جي احساسن ۾ اوتڻ ٿو چاهيان!
ڪاش هوءَ به جِست واري وٽي مان
رابيل جهڙي هن ٻار کي پنهنجي حصي
جو کير پياري سگھي!