آرٽسٽ
__________
مون شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني آ
بس هڪ ڪئميرا هٿ اچي وئي آهي،
تصويرون ڪڍندو ،
محفوظ ڪندو ٿو وڃان!
رات جو دير سان گهر کان ٻاهر نڪتس
ڪُتا خاموش هئا
۽ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا
مون ٻنهي گروپن جون تصويرون ڪڍي
محفوظ ڪري ڇڏيون
هڪ آرٽسٽ رستي ۾ ملي ويو
منهنجي ڪئميرا ۾ محفوظ ٿيل
تصويرون غور سان ڏسڻ لڳو
۽ ڏسندي ڏسندي پگهرجي ويو ،
هو ڪئميرا ۾ قيد ٿيل
اکين جي ماڻڪين ۾
بُرش ڦيرائيندي
پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو:
مون کانئس پريشانيءَ جو سبب پُڇيو
چوڻ لڳو
تنهنجي ڪئميرا جي رزلٽ
ايترو خراب ڇوآهي؟
يا منهنجون اکيون خراب ٿي پيون آهن!
مان هن کي ڪو جواب ڏيان ئي ڏيان
هو برش کي اُڇليندي،
ڪروڌ واري نظر سان
اکين کي مهٽيندي چوڻ لڳو ته
جن اکين ۾ محبت جا گُل ٽڙڻ گهرجن
انهن ۾ رت پيو ڏسان
۽ جن اکين مان
ڪڏهن ڪڏهن ڀئو ٿيندو هجي،
اهي پُر سڪون پيون نظر اچن!
هي ڪهڙي هواگهُلي پئي آهي!
مون سندس ڪيفيت کي بدلبو ڏسي چيو
ڀَلا انهن اکين جي موسم ڪيئن مَٽبي؟
هن ٻيهر اکيون مھٽيندي چيو
لڳي ٿو پراڻا رنگ وري ڳولھڻا پوندا!
اهڙا رنگ جيڪي ڇانوري جهڙو
تصور پيش ڪري سگهن
اَنُ هجي، جَنڊ هجي
چاڏي هجي، جهرڻو هجي
لسي هجي، مهمان هجن
مان هن ڏانهن ڏسندو ئي رهيس،
ته هو چوڻ لڳو سوچيان ٿو؛
اهڙي تصوير راتين جو جاڳي
مونکي وري ٺاهڻي پوندي،
جنهن ۾ گڏيل اوطاق جو نمونو هجي،
لابارن ۽ پوکيءَ لاءِ
ونگار واري تصوير،
عورت جي چيلھه تي گهاگهر،
مٿي تي نيرن جي ماني
۽ گڏجي کائڻ ۽ لسي پيئڻ وارا منظر هُجن!
انب هجن نم هجي، ٽاريءَ جي ڇانوَ هجي
۽ چانڊوڪي رات ۾ مڌر آواز واري
ڪا ناچڻي رقص ڪندي
مُحبت جو گيت ڳائي فرسوده روين کي
مات ڏئي سگهي،
مون سندس ڳالهيون ٻُڌي
آسمان ۾ کِڙيل ستارن ۽خاموش گهرن جا
ڪجھه فوٽو ڪڍي
ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏيو آهي
هن تصوير جهڙو ديس
وري ڪڏهن ٻيهر آباد ٿيندو؟
مان به نم جي ڇانوَ ۾ پوتڙو وڇائي
گهري ننڊ ڪندي سپني ئي سپني ۾
ڪاوڙجي ويل محبوبه کي
پرچائڻ جي
هڪ ڀيرو ٻيهرڀرپور ڪوشش ڪيان.