ائبارشن
تو ڪڏهن آسمان کي،
وڻن کي يا پکين کي روئندي ڏٺو آ!
هوا جي خاموشيءَ ۾
ٻار جي پهرين دانهن جنهن به ٻڌي هوندي
ننڊ اُن جي بستري تان اُٿي
سُڏڪڻ لڳي هوندي!
هن جو رَتُ بند ٿئي ته گهر وڃي نه!
گهر وينديس ته مارجي وينديس!
پنهنجي ٿڌي ٿيندڙ
پيشانيءَ تي هٿ رکي
گهر جي دروازي مان آهستي آهستي پير کڻي
سوڙهي ساھَ سان
لوئيءَ ۾ ويڙهيل پنهجو جسم ڪمري ۾ اڇلي
سڏڪڻ لڳي هئي!
هوءَ ايمرجنسي ۾ اسپتال پهتي آ!
هن جي زندگي خطري ۾ آ
مان سوچيان ٿو
هِتان بچندي ته هُتي مري ويندي!
هو به هر هر مون کان هڪ ئي سوال پڇن ٿا ته
ايترو خون وهڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو!
مان ڊاڪٽرياڻيءَ جي اکين ۾ ڏسي
چُپ ٿي وڃان ٿو!
هوا جو شور ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳي ٿو!
ٻاهر زور زور سان
بارش وسڻ لڳي ٿي!
اسان جيستائين سندس آپريشن شروع ڪيون
هوءَ خاموش ٿي وڃي ٿي!
مارجڻ کان بچي ويل ڇوڪري
خون جي آخري قطري سان گڏ،
سندس مائٽن جي ذهن ۾
هڪ ئي سوال ڇڏي وئي ته
ايترو خون وهڻ جو
آخر ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟
روڊ پاس هٿ ۾ ڏيندي
ڊاڪٽرياڻي جي ڪُڇڻ کان اڳ
مان کين چوان ٿو
زندگي ۽موت خدا جي هٿ ۾ آ!
هو روئڻ لڳن ٿا!
۽ مان به اسپتال جي ڇت تي چڙهي
روئڻ لڳان ٿو پر
هوا منهنجا لڙڪ اگھي اگھي ٿڪجي پئي آ!