سنهي سُئيءَ سبيو
شاھ سائين چيو
”سنهيءَ سُئيءَ سبيو مون مارن سين من“
’ڊبليو ايس مَروين‘ کي پئي پڙهيم
هو چوي پيو:
”تنهنجي جدائي مون لاء ايئن آهي
جيئن سُئيءَ ۾ ڌاڳو داخل ٿي
منهنجي هر ڪم کي سبندي
مون ۾ نوان رنگ ڀريندو هجي.“
هڪ هنڌ ڀٽائي لکيو.
”اکين ۾ ٿي ويھه، ته واري ڇپر ڍڪيان
توکي ڏسي نه ڏيھه،آءٌ مَ پسان ڪي ٻيو.“
هڪ ٻئي گمنام شاعر کي پئي پڙهيم
چوي پيو:
”اي منهنجا محبوب
سهي سنبري، سهڻو ٿي ٻاهر نڪر ته
جيئن دنيا توکي ڏسي رشڪ کائي ته
منهنجو محبوب سڀ کان سهڻو آ.“
مان شاعريءَ جي رمز
۽ هنن خيالن تي سوچيندي سوچيندي
ڳوٺ ڀرسان مڇيءَ جي تلاءَ تائين
اڪيلو نڪري ويس
مونکي تلاءَ ۾ چنڊ جي ليئاڪن
مڇين جي تڙپ ۽ ترڻ جا منظر
پنهنجي شاعريءَ ۾ نظر اچڻ لڳا!
مون سوچيو پئي
ڀٽائي جڏهن اکين ۾ ٿي ويھه لکيو هوندو
ته محبت جو سمنڊ
سندس اکين ۾ ڪيئن ماپيو هوندو؟
يا جي سمنڊ ۾ لهي هن
هي سٽون لکيون هونديون ته
اُن وقت لهرن جي ڏک جي
حالت ۽ ڪيفيت ڪهڙي هوندي.؟
منهنجي اڳيان ”ڊبليو ايس“ چوڻ لڳو
سُئيءَ ۾ ڌاڳي وجهڻ جي منظر جي
گهرائپ ۽ سُئيءَ سان
من جي رنگينين کي ٽوپجڻ واري
تڪليف ۽ احساس کي
ڪيئن ٿو محسوس ڪرين؟
مونکي ڪو به جواب نَه سُجهيو،
مون سنڌ ۾ روز مرندڙ ۽ ماريون ويندڙ
آڙين جهڙيون ڳڀرو ڇوڪريون،
خودڪشي ڪندڙ وڏن وارن
۽ ويڪري ڇاتي واري ماسترياڻي،
هنج ۾ ٻار سميت مارجي ويل عورت جي تصوير،
نيري رنگت واري ٻار جي لاش،
امڙين جون ڳوڙهن کان خالي
سُڪي ويل اُداس اکيون،
احتجاج ڪندڙ اديبن جا سوڳوار نعرا
۽ زخمي سنڌ جو روح اڳيان رکي
هن ڏانهن ڏسڻ لڳس.
مون ڏٺو
ڀٽائي،ايس ڊبليو مروين ۽ گمنام شاعر
پاڻ ۾ ڳالهائيندي چوڻ لڳا:
درد ته ساڳيو آ پر
درد کي بيان ڪرڻ
۽ محسوس ڪرڻ جي ڪيفيت
۽ اُن کي پيش ڪرڻ جو فن
هرشاعر جوپنهنجو آ!
مان سندن گفتگو ٻڌي ڳوڙها هاري
پُٺتي موٽيس ته
پويان آواز آيو
پنهنجن پيرن تان ميندي لاهي
جبلن جي جهاڳ جهڙو
ڊگهو سفر ڪري هڪ ٻيو نظم لکجان!
جنهن ۾ عمل جا رنگ ۽
جستجو جا نوان ڏس هجن!
ڇو ته لفظن جي ماتم سان گڏ
هاڻي زندھ دل ڪردارن جي به ضرورت آ
جيڪي گلن سان به پيار ڪن ته
گرميءَ ۾ پياس جهڙو پنڌ به ڪري سگھن.