نظم لکڻ ٿو چاهيان
________________
رات جي وچين پھر ۾
مان هڪ نظم لکڻ ٿو چاهيان!
اهڙو نظم
جيڪو جاڳَ جي پنڌ ۽ مسافريءَ جي
ٿَڪ لاهڻ جي ڪم اچي سگهي،
مان سوچيان ٿو
منهنجي شاعري،منهنجا نظم
منهنجون ڪهاڻيون
۽ ڪجھه ڪالم
نه بيمارن کي چاڪ ٿا ڪري سگهن
نه اغوا ٿيل ٻارڙيءَ کي موٽائي ٿا سگهن!
لڙڪ اُگهڻ لاءِ منهنجي شاعريءَ ۾
دلاسي جهڙو ڪو دڳ به نظر نٿو اچي!
پوءِ به هي ماڻهو مون ڏي
اُميد جي نظرن سان ڇوٿا ڏسن؟
مان ته هڪ اهڙو حڪيم آهيان
جيڪو مريضن جي نبض کي وڪڻي،
گهر جو خرچ ۽ جهاز جو ڀاڙو ڳڻي ڳڻي
رات جو وهاڻي هيٺان رکي
ننڊ ڪرڻ ويندو آهيان!
مان سوچيان ٿو
شاعري ڇڏي راڳ ڳائڻ شروع ڪيان!
پر سوچيان ٿو هتي ته هر شاعر
پنهنجي شاعري ڳارائيندو مونکان!
مان ته
ماڻهن جي شاعري ڳائڻ جو خواب لڌو آ!
ماڻهو چون ٿا
اسان بيمار ٿي پيا آهيون!
اسان کي دوا ڏي شاعري نه ٻڌاءِ!
امان چوي ٿي
چندر جو ڪو گيت گُنگناءِ
بابا چوي ٿو
ڪوڏر کڻ پاڻيءَ جي واري تي هَل!
مان سوچيان ٿو
هنن سمورن مسئلن کي ميڙي ڪو نظم لکيم ته
درد جا انبار لڳي ويندا
۽ ماڻهو ڪم ڪرڻ بدران روئڻ شروع ڪندا!