ڪعبي ڏانهن سفر
_______________
مان دير دير تائين
ڪبوتر چوڪ تي جاڳي
ماڻهن جي اچ وڃ ۾
سندن اکين کي پڙهڻ جي
ڪوشش ڪندي رات گذاري ڇڏي آهي!
ڪعبي ڏانهن
کڄندڙ پيرن جي ٿَڪ
۽ دل جي آس نراس جا
ڪيئي رنگ نظر اچي رهيا آهن!
ڪبوتر سڄو ڏينهن داڻو چُڳي
ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ سُمهي پيا آهن!
ماڻهن جي اکين ۾
الڳ الڳ درد ڪٿا جا
قصا جهاتيون پائي رهيا آهن!
ماڻهن جي ڊوڙ ۾
ڄڻ ته ڪو خاص خوف به آهي!
ڪجهه ماڻهو معافي وٺي،
گناھ بخشائي
نئون سفر شروع ڪرڻ چاهن ٿا!
ڪي وري سڪون جي ڳولا ۾ نڪتل
مسافرن جيان
ننڊ کي دل ۾ سُمهاري
پاڻ کي جاڳائي رهيا آهن!
مان ڪعبي ڏانهن ويندڙ
رستي تي مٽيءَ جي موھ
ماڳن،مڪانن۽ روين تي سوچيندي
فجر ڪري ڇڏي آهي!
مان ڪبوتر چوڪَ تي
جاڳندي سوچيندو رهيس ته
مُجسمي ساز
مٽي ڳوهي جڏهن انسان کي ٺاهيو هوندو
اُن جي مزاج ۾به
ان ئي مٽيءَ جو موھ شامل ڪيو هوندو!
ڇو ته مديني جي مزاج ۾
شفقت،پيار۽مهمان نوازيءَ جا رنگ ڏسي
جڏهن مڪي پهتو آهيان
ته ٽريولر ايجنٽ کان وٺي
هوٽل واري تائين هر ماڻهوءَ جو مزاج
مديني جي مٽي ۽ محبت جي
رمز کان بلڪل الڳ نظر پيو اچي!
مونکي سچ پچ به
تخليقڪار جي ان رمز تي
عبرت سان گڏ پيار ٿو اچي!
جنهن پنهنجي تخليق ۾
مختلف رنگ اوتي
منهنجي ڪبوتر جهڙي دل ۾
نئين تخيل جي
اُن راز کي عيان ڪيو آهي ته
سختي ڇاهي؟پيار ڇاهي؟
ٿَڪ ۽سڪون جي وچ ۾
زندگيءَ جو ٻيو به سفر آهي
۽ هن سفر کانپوءِ ڪو ٻيو سفر به آهي!
۽ مان سوچيان پيو
هر مٽيءَ جو موھ پنهنجو آ
هوا جو هُڳاءُ ۽ اکين جي نِمي
مَڪي جي ڪبوتر چوڪ تي
مونکي چئي رهيا آهن ته
تخليقڪار جي تخليق ۾
پڇتاءُ به ضرور هوندو!
پر اميد جي رنگن کان خالي
هر تخليق ڄڻ ته
تابوت ۾ بند ميت هُجي ٿي.