لُڙڪ وڪامن نٿا
__________________
مان درد وڪڻڻ لاءِ
گهر کان ٻاهر نڪتس ته
ماڻهو مونکي
گُهوري گُهوري ڏسڻ لڳا!
مون پوتي سِڌي ڪرڻ لاءِ
مٿي تي هٿ ڦيرايو ته
پوتي پاتل ئي ڪانه هئي!
پوئتي موٽيس ته
دروازو ئي بند پيو هو!
۽ چاٻي منهنجو مڙس
کڻي هوٽل تي هليو ويو هُو!
گذريل رات پاڙي وارا
منهنجي روئڻ تي
منهنجي گهر لنگهي
مونسان
ڏک ونڊڻ ته آيا
پر پنهنجا پنهنجا سور
منهنجي آڳر تي هاري
پاڻ وڃي سمهي پيا!
مان درد وڪڻڻ لاءِ
هوڪا ڏئي ڏئي
ٿڪجي پئي آهيان!
پر
منهنجا درد وٺڻ بدران
هرڪو
منهنجا وار،منهنجون اکيون
۽منهنجو رنگُ
پيو خريدڻ چاهي!
مان توڙي جو
ڪنهن کان به
لڪايان ئي نٿي ته
مان اها ناهيان
جنهن کي اوهان ڳوليو ٿا،
پر هَرڪو
منهنجي درد جي قيمت
ڏيڻ بدران
منهنجن
جذبن ۽ احساسن جي
پراڻي چادر جي
ڪُنڊ ڦاڙي
پنهنجا ڳوڙها اُگهندي
مونکي
وڌيڪ روئارڻ ٿو چاهي،
شام ٿي وئي آ
گهر جو دروازو ته کليل آ
پر ماچيس ڪونهي
چُلھه جا مارنگ
مونسان گڏ روئن ٿا،
مان پراڻي آئيني ۾
ڏسان ٿي ته
منهنجي تصوير جا
رنگ ئي مَٽيل آهن،
آئينو مون ڏي ڏسي
اُداس ٿي ٿو وڃي!
مان کانئس موڪلائي
ڪمري کان
ٻاهر نڪران ٿي ته
منهنجو مڙس
چُلھه اُجهاڻل ڏسي
مونکي
مارڻ شروع ٿو ڪري
مان کيس ڪيئن ٻڌايان ته
مان هاڻي
اها ناهيان رهي
منهنجون اکيون
جوانيءَ ۾ ئي
هڪ ڇوڪرو چورائي ويو!
وار درد ڇاڻي ڇڏيا!
لڙڪ وڪامن نٿا!
۽ تون وري
جوا جي اڏي تي
منهنجون
سڀ خوشيون هارائي
منهنجي
بچيل وجود کي
واڪ تي چاڙهڻ ٿو چاهين.