ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو ٿو ماري؟
_______________
مونکي لڳي ٿو ته
اسان سڀ حيات جي ڦلواڙيءَ جا
ساڳيا ئي گُل آهيون!
هٿن جون آڱريون،پيرن جا نشان،
اکين جون ماڻڪيون،
سڀ ته ساڳيون ئي آهن!
ساھ کڻڻ لاء آڪسيجن ساڳي،
ڇانو ۾ ويهڻ لاءِ وڻ ساڳيا،
سج اُڀريو ته ساڳيو ڏٺم،
چنڊ اُڀريو ته روشني ساڳي،
دل جا خانا، ڦڦڙن جون ناليون
رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جو رنگ به
ساڳيو ئي ته آهي!
مَٽيل هجن ته ڪو شايد
هٿ جي لڪيرن جا نشان،
پيرن جي آهٽ
اکين جا رنگ ۽ جسم جي بيهڪ!
مُرڪ جو نمونو،آواز جي لئي
ملڻ جو انداز متان کڻي ٿورڙو مَٽيل هجي!
سوچيان ٿو ته پوءِ
اسان جا رويا ايترا جدا جدا ڇوٿا ٿين ؟
ساڳي هوا ۽ ساڳي رُت ۾
هڪڙا پيار کي ڳوليندي ٿڪجن نٿا
ته ٻيا وري نفرت جي باھ ۾
پاڻ به رَجهن ٿا ۽ سماج کي به ساڙين ٿا!
ٻار جي مُرڪ کي ماري،
سِڪايل مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ لاءِ سدائين آتا ۽ اُتاولا ماڻهو
رات جو گولين سان گڏ سُمهن ٿا!
۽ صبح جو وري
رت جي نئين راند کيڏڻ جو سوچي
اندر کي اُجارڻ بدران
بندوق جي ناليءَ کي صاف ڪري
شاعرن پاران لکيل
امن جي گيتن ۽ پکين جي پَرن کي
ساڙڻ جا روز نوان سانباها ڪن ٿا.
هاڻ ته منهنجي محبوبه وانگر
منهنجا نظم به مون کان رسڻ لڳا آهن،
رات دير تائين جاڳندو رهيس
نظم مونڏانهن آيا ئي نه پئي
وڏين منٿن کانپوءِ هو مون وٽ آيا آهن!
نوجوان مريضه کي
’آءِ سي يو‘ ۾ بستري تي ننڊ سمهاري،
مانيٽر جي ڊيڄاريندڙ
آواز کان ڪن لاٽار ڪري،
اوهان دوستن کان
ڏکويل دل سان پُڇي رهيو آهيان
مونکي ڪير ٻڌائيندو ته
ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو ٿو ماري؟