مان توڏي روز هڪ نئون نظم اُماڻيندس
_________________________
رات جي پُراسراريت ۽ ٻار جي گهري ننڊ
منهنجي وجود جو بي چين رنگ آهن!
پکين جي ماٺ ۽
وڻن جي لامن جي ٻُوٽيل اکين ۾
مان پاڻ کي ٻُڏندي محسوس ڪندو آهيان!
مان درد جي نئين ڪائنات جو سپاهي آهيان،
جنهن جي هٿ آڱرين ۾
قلم جي حُرمت جو دامن
داغدار ٿي ئي نٿو سگهي!
مان اڪثر ڪري
بتيءَ جي روشنيءَ ۾
پيار ۽ امن جا گيت ۽ نظم لکندي
اندر جي پُراسرايت کي پنن تي اوتيندي
پنهنجي پياري زال کان لڪي لڪي
هٿ تريءَ تي
زهره ۽عطارد جي اُڀارن سان ڳوڙها اُگهي
سڏڪن کي روڪيندو رهيو آهيان ته
جيئن سندس خوابن ۾ رخنو نه پوي!
ست راتيون اڳ به
منهنجا ٻار ، رات جي خاموشي پاڻ ۾
۽ منهنجي زال
منهنجي خوابن سان سُتل ئي هئي !
۽ مان وري ٻه جاڙا نظم لکي رهيو هئس،
جن جو عنوان هو
”محبوبه جي اکين ۾ گذاريل اڌ رات“
۽ ”تنهنجا خواب سُمهڻ نٿا ڏين“
در کڙڪيو، هڪ نئون درد جاڳيو
منهنجا ٻار، رات جي خاموشي ۽
منهنجي زال اڌوري خواب سان
گڏ جاڳي پياهئا!
هو آيا مونکي پاڻ سان گڏ وٺي ويا
ڏوھ پُڇيم ته
منهنجي سامهون منهنجو ئي نظم
”ڌرتي تنهنجا شعرلکان ٿو“
رکي لاڪپ ڪري ڇڏين ٿا!
مان اُن ئي پني جي خالي پاسي تي
هي نئون نظم لکي
پنهنجي ٻارن ۽ پنهنجي زال ڏانهن
اُماڻيان ٿو ته
”مان توڏي روز هڪ نئون نظم اماڻيندس“.