تون نه روئجان!
___________
اڪثر شاعرن کي شام جو پهر
وڌيڪ وڻندو آهي،
تڏهن ته هو شام جي پَل ۾
گڏجڻ جا سپنا ڏسندي
پنهنجن پنهنجن محبوبن کي
نوان نوان گيت ارپيندا آهن،
هي رڳو شاعرن جو معاملو ناهي
پکي به ته
شام جو وڻن ڏانهن واپسي
گڏجي ئي ڪندا آهن
مون اڳ به ڪٿي لکيو آهي ۽ تون به
چوندو هُئين ته
شاعرن ۽ پَکين جون دليون
ذري گهٽ ساڳيون هونديون آهن
توکي جڏهن پٿرن جي ڀاڪر ۾
سُمھارڻ جي تياري ڪئي پئي وئي ته
شام جو پَھر ۽ منهنجون اکيون
گڏجي روئڻ لڳا هئا!
۽ تون وري چُپ چاپ مٽيءَ کي
ڳولي رهيو هُئين!
اها مٽي جنهن کي پنبڻين تي چائڻ ۽
ماٿي کي لائڻ جو ذڪر
ڪيترن ئي شاعرن
وڏي محبت مان ڪيو آهي!
مان به ته شاعر آهيان
مونکي به ته
ڄامشوري جي مٽي ۽ هِتان جي شامن
پيار مان ڪيترا ئي ڀاڪر پاتا هوندا!
پر اڄوڪي شام
منھنجين اکين جي آڳر ۾
روئندي روئندي
تنهنجي مٿان پيل هرک جي ڪپڙي تي
ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي هئي !
۽ تون وري چئي رهيو هُئين
ڳوڙهن کي روڪ
مان مري ٿورئي ويو آهيان
مان اڪيلو سَڏ هجان ها
تڏهن به شايد گم نه ٿي سگهان ها
مان ته تاريخ جو ڊگهو سڏ آهيان
جنهن کي حيات جي هر صبح، هر شام
مڃتا جو چميون ڏيندي رهندي!
هڪ صديءَ جو سڏ
ايتري آسانيءَ سان
ڪير به ماري ۽ دفنائي نٿو سگهي،
هن جون اکيون ٻُوٽيل ضرور هيون
پر جڏهن مون هن جو فوٽو پئي ڪڍيو ته
هو وڏي اعتماد سان
چوڻ لڳو
مان ڪيترائي ڪتاب لکي آيو آهيان،
هر ڪتاب جي مُهاڳ ۾
مان پنهنجي
اکين جي جاڳَ جا ڏيئا ٻاري آيو آهيان،
روشني گُهرجئي ته
اتان کڻي وٺجان،
۽ ها تون روئجان نه
مان مري ٿوروئي ويو آهيان،
مان ته پنهنجي مٽيءَ کي چمي ڏيڻ
۽ مٽي ماٿي لائڻ خاطر
گهڙي پل لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري آيو آهيان.
(محمد ابراهيم جويو جي مرتئي تي لکيل)