من به ميرو ٿيندو آ ڇا؟
______________
اوندھ کانپوءِ روشني ايندي آ
محنت ۽ پيار سان پوکيل وڻ
ڇانوَ ۾ ويهاريندا آهن،
مان هي نظم لکندي لکندي
رُڪجي ٿو وڃان،
۽ منهنجن اکين مان ڳوڙها ڳڙندا
ڊائريءَ تي ڪري ٿا پون!
منهنجي ڀرسان ويٺل منهنجي ڌيءُ
ٽشو پيپر سان منهنجا ڳوڙها اگهندي
پُڇڻ لڳي ٿي ڇا ٿيو بابا؟
مان سندس سوال کي ٽاريندي
پني تي ليڪا پائڻ لڳان ٿو.
ليڪا پائيندي پائيندي
هڪ تصوير جُڙي وڃي ٿي
هڪ اهڙي تصوير جنهن ۾
ماڻهو مونکي گدلو ۽ ميرو سمجهي
مون تي گند ۽ پٿر اُڇلڻ ٿا چاهن.
مان وري هنن جي رويئي تي
نئون نظم لکي
کين خوشبوءِ جو نئون ديس
گهمائيندي گهمائيندي
گُلن جي اُن باغ ۾ وٺي ٿو وڃان
جيڪو پنجاھ سال اڳ
بابا ۽ امان گڏجي پوکيو هو
باغ جي ڀرسان نديءَ ڪناري تي بيٺي بيٺي
هو چاهين ٿا
مان پنهنجي بدن کي ڌوئڻ شروع ڪيان
پر مان سوچيان ٿو
هنن ماڻهن جي من کي اُجرو ڪيئن ڪجي؟
منهنجي ڌيءُ
مُنهنجي ان تصويري ڪهاڻيءَ کي
سمجھڻ چاهي پئي
سندس ضد تي کيس
ظاهري ميراڻ ۽
اندر جي اُجرائپ بابت ٻڌايان ٿو ته
هوءَ وري پُڇي ٿي
بابا من به ميرو ٿيندو آ ڇا؟
مان کيس ٻُڌايان ٿو
ظاهري سونهن ۽ حسن ڏسين ٿي نه
اها به سونهن آهي.
پر اصلي سونهن انساني
اندر جا احساساتي رنگ آهن،
ماڻهو جيڪڏهن شڪل ۽ صورت بدران
پنهنجن عملن سان سڃاپجي وڃن
ته هو شايد
ڪنهن کي به ميرو نه سمجهن ها!
هوءَ قلم کڻي
هڪ نئين تصوير ٺاهي منهنجي ڀرسان رکي،
مونکي ڀاڪر پائي چوي ٿي
بابا
مون به هڪ تصوير ٺاهي آ
هڪ اهڙي تصوير
جنهن ۾ اکين جي ڌُنڌلاڻ ۽
من جي ميراڻ کي لاهڻ لاءِ
هڪ نسل جو ٻئي نسل کي نئون سڏ آهي،
اهڙو سڏ
جيڪو اُجرائپ جا احساس ۽ اندر جي
سونهن جا سُندر ڏيک ڏئي
منهنجا خوشيءَ مان وري به ڳوڙها ڳڙي ٿا پون !
۽منهنجي ڌيءُ هڪ ڀيرو ٻيهر
ٽشو پيپر سان منهنجا ڳوڙها اُگهي ٿي
۽ مان سندس ڳل تي چمي ڏئي
مُرڪي ٿو پوان.