مئڪدي ۾ ڪو اچي ئي نٿو!
زندگي گذارڻ به
هڪ فن آهي،
حيات جي راز ۽ پُراسريت کي
سمجهي هلڻ
ڪا معمولي مشق ته ناهي،
مان عورت سان پيار
۽ احترام جي سَڏ ۽ سُڌ جو
چراغ آهيان شايد!
منهجي دل جي آڳر ۾
وحشت بدران
ٻار نچندا رهن ٿا!
مان سُمھان ٿو ته
پري پري کان
پکي دل جي لامَ تي
آرام ڪرڻ اچن ٿا!
جاڳان ٿو ته
چنڊ جي ڌيمي روشنيءَ ۾
چنگ وانگر وڄان ٿو!
منهنجي دل به ڄڻ ڪو
مئڪدو هجي!
رات ٿئي ٿي ته
نئين بوتل کولي
سمورا دوست پنهنجي پنهنجي
پيار جا قصا ٻُڌائڻ،
پيئڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪن ٿا!
صبح ٿيندي ئي
گهٽين ۾ گُل ورهايان ٿو!
مان نم جي ڇانوَ بڻجي
گرم ڏينهن ۾
هارين جو ٿڪ لاهيان ٿو!
شام ٿئي ٿي ته
ڌنارن جي پيرن ۾
ڳوٺ جي رستي وانگر
پنهنجون اکيون وڇايان ٿو،
امان کير ڏُهي ٿي
ادي ماني پَچائي ٿي
اسان سڀ چُلھه ڀرسان ويهي
هٿ به سيڪيون ٿا
۽ ماضيءَ کي به ياد ڪيون ٿا!
ٻارِ کڄي ٿي ته بَٽئي مهل
خرچيءَ ۾ مليل اَنُ
واڻئي جو دڪان
انبن جو باغ، ڏنگ، ڏوڪا
خارڪون، ڇوهارا
ڪچو گهر، ڇت جو ٽُمڻ
غربت جو زمانو
امتحاني فيس لاءِ
امان جو ايرينگ وڪڻندي
روئي پوڻ !
اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته
جيءُجهڄڻ به لڳي ٿو ته
ڪيف جي هڪ نئين پينگھه ۾
لُڏڻ به شروع ڪيان ٿو!
وري سوچيان ٿو ته
ها مان برابر
هن حيات جو
نئون نئون پنڌ آهيان!
هاڻي به ڇا ناهي؟
بجلي، سولر، فرج، ٽي وي
وڏا وڏا بورچيخانا
ڊائننگ ھال،جهومر
رنگين گلاس،
مختلف قسمن جا جُوس
سڀڪجھه ته آهي
بس جي ناهي ته
اهو فطري پيار ناهي،
نم جهڙي ڇانو ناهي،
لهجي ۾ نرمي ناهي،
مصنوعي مُرڪ
۽ ملڻ جو انداز
ڄڻ ته
حيات جي رنگن ۾
ڪا الجهن اوتيندو هجي،
ها اهو سچ آهي ته
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي
پر پکين
دل جي لام تي لڏڻ
ڇڏي ڏنو آهي،
شام اِها
ساڳئي شام ناهي رهي!
دوست دوست ناهن رهيا
مئڪدي ۾
ڪو اچي ئي نٿو!