دل ته اڄ به قيد آهي
_______________
هن ٻيو ڀيرو ڏکويل انداز ۾
لکيو آهي ته
هاڻي مان تنهنجون ڪهاڻيون
پڙهي نٿي سگهان،
هر ڪهاڻيءَ ۾ مان پنهنجي تصوير ڏسي
ڊڄي ويندي آهيان ته
منهنجو مُڙس جيل ۾
تنهنجون ڪهاڻيون پڙهي ويٺو ته
هن کي ويتر ڏک ٿيندو!
ڪيترائي خون ڪري جيل ويندڙ
منهنجو مڙس چڙ ۾ اچي
ڦاسيءَ جي سزا خلاف اپيل تان هٿ کڻي
هميشه لاء مونکي ڇڏي هليو ويندو،
توکي ته خبر آ
هن جي مونسان پيار جي شادي ٿيل آهي!
هن جي سمورن ڏوهن، گناهن جي
مونکي اهڙي طرح خبر آهي
جهڙي هن کي جديد هٿيارن
۽ منهنجي جسم جي
سمورين رنگتن جي اٿل پٿل
۽ انگ انگ جي جهومڻ جي سڃاڻ!
هن کي منهنجي بدن جا تِر به ڳڻيل آهن!
تون اُن رات ڀت ٽپي مونسان ملڻ آيو هئين
تنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ اهو ئي انداز هو
جڏهن مان شادي کان اڳ
هن سان ملڻ لاء ڪندي هيس!
تون هڪ ڪهاڻيءَ ۾
منهنجي پسند جا رنگ،
رسڻ کانپوءِ پرچائڻ جو انداز،
بستري جي چادر
۽ وهاڻي جي ڇِوَ جي اُڻت جو ذڪر ڪندي
ذري گهٽ ساڳئي پرفيوم
منهنجي بدن تي هاري ويو آهين
جيڪا هو اڪثر مون لاءِ وٺي ايندو هو!
مان هن سان ملاقات لاءِ وڃڻي هُيس
پر تنهنجي بدن جي خوشبو
۽ پرفيوم جو اثر وڃي ئي نٿو!
تون هاڻي منهنجي بدن جي بيهڪ
۽ بي قراريءَ جو ذڪر
ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ نه ڪجان،
هو جيل ۾ ڪتاب گهڻا پڙهي رهيو آهي
ڪنهن رسالي ۾
پنهنجي تصوير نما ڪهاڻي پڙهي
هو روئي نه ڏئي،
هو مون سان ڏاڍو پيار ڪندو آهي،
هُن جي اکين جي ڳوڙهن سان گڏ
منهنجي انتظار جهڙي سونهن به
لڙهي ويندي!
پوءِ تون شايد ڪا ڪهاڻي لکي نه سگهين!
ان ڪري اهڙي ڪهاڻي نه لکندو ڪر
جنهن ۾ رِليءَ جي ٽُڪن جهڙا
منهنجا اَنگ ۽ رنگ نظر اچڻ لڳن،
تون ته منهنجي پياسي بدن جي
عارضي اُڃ لاھڻ ايندو آهين!
پيار ته مان هن سان به ڪندي آهيان
ڏوهاريءَ جي زال هجڻ سبب
ڪڏهن ڪڏهن
ڏوھ ته ڪري وٺندي هونديس
پر
دل ته اڄ به هن سان گڏ قيد آهي.