درد يونيورسل هوندو آهي
_________________
مون رات وري پرڏيهي سنگتياڻيءَ کي
چيٽ باڪس ۾
ڊگهوميسيج ڪندي لکيو آهي ته
درد يونيورسل هوندو آهي!
درد جو نه ڪو مذهب، نه ديس ،
نه ئي ڪا سرحد هوندي آ
درد جي ڪا زبان به ناهي هوندي!
درد محسوس ڪجي ته
اهو به خود نئون درد ٿي اُڀرندو آهي!
مان مَڃان ٿو
تنهنجي ماءُ
توکي کير پيارڻ بجاءِ
بواءِ فرينڊ کي وقت ڏيندي
توکي سنڀال گهر ۾ رکي وئي هوندي!
تنهنجي دوست جي شڪايت کي
سندس ماءُ ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري
پنهنجي بواءِ فرينڊ سان
سمنڊ ڪناري ڊگهي واڪ تي
نڪري وئي هوندي!!
تنهنجي ٻي دوست جي ماءُ
ڪلب ۾
وسڪي پيئڻ ۽ ڊانس ڪرڻ وئي هوندي!
بيشڪ تون ۽ تنهنجون سنگتياڻيون
ان تي ڏکويل هوندئو
پر هتي به ته
پنجن پنجن ٻارن جون مائرون
ڪڏهن ڪارو پٿر پي
خودڪشي ڪري ٿيون ڇڏين
ته ڪڏهن
ٿڃ پياڪ ٻار کي
بستري تي اڪيلو اُڇلي
رات جي پاڇي ۾
اڻ ڄاتل فون ڪال تي
رت جي رشتن کي سالن جا زخم ڏئي
ڪارڙي تتر جيان اڏريو وڃن.
مون گند جي ڍير تان
ڪيترن ئي ٻارن جي نازڪ جسم تي
ڪُتن جون ڏاٺون ڏٺيون هونديون،
مون کير ڍُڪ جي تلاش ۾
اڻڀن وارن ۽نٻل جسمن وارا
مراسمڪ ۽ اگهاڙا ٻار
ڏٺا هوندا.
هڪڙن گهرن ۾ سڪل کير۽ منرل واٽرجا دٻا
مُدي خارج ٿيندي ڏٺا هوندم،
ته ٻين گهرن ۾
بُکايل ٻارن کي روئندي
۽ پيءُ کي جوا جي اڏي تي
جوان ڌيءُ کي هارائيندي ڏٺو هوندم!!
پر تون چوين ٿي ته
منهنجن نظمن ۾
تنهنجا ارمان شامل ناهن!!
هن جواب ۾ لکيو آهي ته
تنهنجي هن نظماڻي ميسيج ته
اڄ روئاري وڌو آهي!
هن لکيو آهي ته
مون شيڪسپيئر کان شيلي
۽ پُشڪن کان پئبلو نرودا تائين
ڪيترن ئي زبانن جي شاعرن کي پڙهيو آهي
پر تو مونکي پنهنجي انداز ۽ ٻوليءَ ۾
درد جي ڪٿا بيان ڪندي
محسوس ڪرايو آهي ته
درد رڳو
يورپ جي اُداس گهٽين جو مسافر ناهي
درد ته سنڌ جي ڳلين جو روڳ به آهي ته
منهنجي پاڙيسرڻ ۽ ڪلاس فيلوءَ
جي گهر جو چيڙاڪ ڀاتي به آهي.
هن لکيو آ ته
رات دير تائين پنهنجن ساهيڙين سان گڏ
ٽائيم اسڪائر جي ڏاڪڻين تي
بيئر پيئندي رهيس،
۽ تنهنجو هي نظم
اسان جي اکين مان ڳڙندڙ
ڳوڙهن سان گڏ سڏڪندو ۽ ٽمندو رهيو.