مون کي ڳوڙھا ته ميڙي ڏيو!
____________________
مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ کي، درد جي احساس کي،
ڳوڙهن جي وَهڻ کي، ۽ چُمين جي ڪوساڻ کي،
ڪير آهي جيڪو ميڙي
منهنجي لائبرريءَ جي ڪٻٽ ۾
ڪتابن سان گڏ رکي ڏئي!
ڇو ته
مان روزانو مينهن سان،درد سان، ڳوڙهن سان،
۽ چُمين جي ڪوساڻ سان
ڪٿي نه ڪٿي ملي
ڊائريءَ ۾ هڪ نئين تصوير ليڪي
لائبرريء کي روئاري پوءِ سمهندو آهيان!
منهنجا ڪتاب هاڻي
منهنجي ڊائريءَ ۾ سنڀالي رکيل
ان آتم ڪٿا کي روبرو ڏسڻ چاهن ٿا!
۽ لائبرريءَ ۾ رکيل بابا جي پراڻي قلم سان
هڪ اهڙو ناول لکڻ ٿو چاهيان
جيڪو لفظن بجاءِ
شهر جي گهٽين ۾ بارش جيان وسڻ لڳي!
اهڙي بارش جنهن جي سُرن ۾
اسان جي ڳوٺ واري دائي
’ماسي راضل‘ جي ڳلي جهڙو سوز هجي!
اهڙا ڳوڙها جنهن ۾ چَپ ته آلا ٿين
پر نِڙيءَ مان لفظ گهُٽجڻ بدران
امان جي سڏ جهڙا ٿي پيار جو احساس ڏيارين!
منهنجو ڀاءُ شام ڌاري ماريو ويو!
گلن جي خوشبوءِ جهڙي منهنجي وڏي ڀائٽي
پنهنجي پيءُ جو آخري ديدار ڪرڻ بعد
ڪچڙي منجهند جو
پنهنجي حيات وڃائي ويٺي!
بابا ڪمري مان ئي ٻاهر نه نڪتو!
۽ امان دروازي ڏانهن ڏسندي ڏسندي
پنهنجي مُنهن روئي روئي دل جا وال وڃائي ويٺي!
ڪير آهي جيڪو
هي سمورا ڳوڙها مونکي ميڙي ڏئي
جن سان هڪ ناول لکي وٺان
جنهن جو عنوان هجي
”مون کي ڳوڙها ته ميڙي ڏيو“.