اڪيلائي
____________
اڪيلائي به هڪ روڳ آ!
آخرڪار مان ڪيترو
اڪيلائيءَ سان وڙهندي رهنديس؟
هوءَ بستري تي پاسا ورائيندي
پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي،
هن موبائل کڻي
پنهجن ڪيترين ئي پراڻين
ڪلاس فيلوز جا نمبر ملايا
پر ڪنهن سان به رابطو نه ٿي سگهيس،
مختلف ڪتابن کي اُٿلائيندي پُٿلائيندي
سندس سامهون ڪنهن نظم جون
سٽون تري آيس ته:
”هو ڏس
اڪيلو گلن جو ٻوٽو!
تيز طوفان هوندي به پنهنجي خوشبو
۽ رنگ کي برقرار رکيو بيٺو آ.“
نظم پڙهڻ سان
هن جي من جي مونجھه ٿورڙي
گهٽجڻ ئي مس لڳي ته
هن کي سمنڊ ڪناري گذريل رات
جيڪو ڇوڪرو مليو هو
اُن جي ڳالهين جي ياد
هڪ نئين تڙپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو!
هوءَ سوچيندي رهي
هن جي ڀِرن جا وار، مُرڪ جي اُڇل
ڀريل بدن، ويڪرو سينو،
۽هٿن جو ڇُھاءُ
هاڻي مونکي اڪيلو رهڻ نه ڏيندا!
هوءَ پاڻ سان ڳالهائيندي
اندر جي اُڇلن سان وڙهي رهي هئي،
هو ڪيترو نه رومانٽڪ هوندو؟
هن جي ٻانهن جي ايراضيءَ ۾
منهنجو بدن ڦٿڪي ڦٿڪي
ڀڄي،ڀُري وڃي ها
تڏهن به دانهن نه ڪيان ها!
هن جي بدن ۾
جيڪا ڇهاءَ جي چڻنگ اُڀري هئي
اها ڄڻ ته
بستري کي ٻاري رهي هئي،
هوءَ مئن گيٽ کولي
گاڏيءَ ۾ ويهي سمنڊ تي هلي وئي،
ساڳيوڇوڪرو ته کيس نظر نه آيو
پر اڪيلائيءَ جي احساسن کي
سمنڊ حوالي ڪري
انتظار جو هڪ نئون گيت جهونگاري
روئڻ لڳي،
گوڙها پنبڻين مان ڇڻي
سندس ڳلن ۽ کاڏيءَ کي چمندا
سمنڊ جي لهرن سان ملي ويا،
هوءَ پنهنجو پاڻ کي
ٻيهر سنڀالي چوڻ لڳي
طوفان ايندا ويندا
منهنجي اندر جي
گُلدان کي ٽٽڻ نه گهرجي!