هُن خط موڪليو آهي
_________________
هوءَ گرمين جي موڪلن تي
گهر ويل آهي!
اُتان هن وري
هڪ نئون خط موڪليو آهي،
هُن لکيو آهي ته
ٽٽل دليون،ڀڳل عضوا، ڊٺل گهر،
ڏٻرا ٻار،پيرن اگهاڙيون عورتون
۽ سڙيل ٽرانسفارمر ڏسي
هُن جو من چلھه تي رکيل
ديڳڙيءَ ۾ رَجهي رهيو آهي!
هن پنهنجن رت هاڻن ڳوڙهن سان
لکيل خط جي سِٽ سِٽ ۾
هڪ نئين ڪهاڻي لکي
فيسبوڪ جي وال تي
روئڻ شروع ڪيو آهي!
هُن يونيورسٽيءَ جي فزڪس واري شعبي مان
پهرين پوزيشن کڻندڙ
مون واري روم پارٽنر جي
ڪلاس فيلوءَ جي ڪهاڻي جي ڪلائميڪس ۾
ڪاري پٿر جو ذڪر ڪندي
کيس بچائڻ لاءِ
مونکي سندس مدد ڪرڻ لاءِ
لفافي ۾ پنهنجون اکيون بند ڪري،
مون ڏي اُن ڪري موڪليون آهن ته
مان سندس اکين سان
اُن ڇوڪريءَ جي درد ڪهاڻي پڙهي ڏسان!
هن لکيو آهي ته
اوهان شاعر آهيو
اوهان جون اکيون اڄڪلھه
فائيو اسٽار هوٽلن جي ڪاريڊور ۾
اين جي اوجي اڳواڻن
۽ سرڪاري اُمداد ڏانهن وڌيڪ ڏسڻ لڳيون آهن!
تون سمنڊ ڪناري تي
جينس واري ڇوڪريءَ سان شام گذارڻ بدران
هن يونيورسٽيءَ مان پڙهي آيل
ڇوڪريءَ جي
اديب پيءُ جي رويئي کي
پاڻ اچي اکين سان ڏس!
۽پوء ڪو نظم لک ته
شاعر لکي ڇاٿو ۽ ڪري ڇاٿو!
مونکي ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪا
ڪارن ڪپڙن واري نرتڪي
منهنجي اندر جي آڳر ۾
آڳ لڳائي
نئين انداز ۾ نچي رهي آهي!
هيءُ ڪهڙي ديس جي ڇوڪري آهي؟
جيڪا مُنهنجي دل جي
شريانين مان پنهنجا پير ٻوڙي
مينديءَ رتا رنگ کڻي
منهنجو ساھ سُڪائي رهي آ!
نه نه مان غلط ٿو سوچيان
هيءَ اها ئي ڊگهن وارن ۽ سنهڙي چيلھه واري
ساڳئي ڇوڪري هوندي
جيڪا منهنجي ڊائري
نائين درجي ۾ پاڻ سان گڏ کڻي
مونکي ’سُهراب فقير‘ سان
باجي ڀرسان ويهاري
نئون گيت ڳائڻ لاء چئي وئي
ته واپس ئي نه موٽي!
مان اها ڊائري ڳوليندي ڳوليندي
ايئن لڳي ٿو ڄڻ
پاڻ کي
نئين سر ڳولي لڌو آهي!
مون ٻُڌو آ ته
اهائي ساڳي ڇوڪري
رات جو دير سان فيسبوڪ وال تان
منهنجن نظمن ۾
پنهنجي بدن جي رنگن کي پسندي
۽ ڊگهن وارن جي خوشبو ۾ ويڙهجي
منهنجن حسين خيالن کي پڙهندي
روئي ڏيندي آهي!
۽ ها
مان ۽ منهنجا نظم
اڌ رات جو سندس پيرن جي رقص تي
اُن ڇوڪري
۽ سمورن شاعرن جي دل،دماغ ۽ ساهن ۾
رومانس جا رنگ وکيري
مي رقصم مي رقصم ٿي اُڏامڻ لڳون ٿا!