مونکي وڪامڻ نه گهرجي
رات هڪ نوجوان اديب مليو
مونکان پڇي پيو
تنهنجي شاعريءَ ۾
هاڻي اهو درد ڇو ڪونهي رهيو؟
مان کيس ڪيئن ٻڌايان ته
مون پنهنجي شاعري وڪڻي
قلم ۾ پنهنجن لڙڪن بدران
اُڌاري مس وجهي ڇڏي آهي!
هن حيرت مان مون ڏي نهاريندي
مونکان پڇيو
سرڪاري گيسٽ هائوس تي
ان رات توسان گڏ
ڪنهن جا ٽهڪ پئي ٻُريا؟
مان سندس سوال تي ڇرڪي ويس!
هن کي ڪيئن ٻڌايان ته
ڪنهن وڏي ميلي جي تياري ڪرڻي هئي!
مختلف راڳڻين تي
ڊگهو بحث ڪرڻ لاءِ پنهنجي وجود کي
صنف نازڪ جي وارن ۾ ويڙهي سمهڻ
ڪيترو نه ضروري هوندو آهي!
مان کيس ڪيئن ٻڌايان ته
هن ئي سال
وڏي شهر جي فائيو اسٽار هوٽل ۾
سرڪاري خرچ تي
ڪتابن جي مَنڊي لڳڻي آهي!
وڏا وڏا اديب گڏ ٿي
ڌرتي ۽ ٻوليءَ جا ڳُڻ ڳائيندا!
رات جو وسڪي پي هڪٻئي کان پُڇندا
منهنجي مقالي جو مغز ننڍو هو يا وڏو؟
تاڙيون ڳڻيئي!
نوجوان ليکڪ منهجن اکين ۾
پنهنجي درد کي ڳولڻ لڳو هو!
اوچتو ڇرڪ ڀريندي هو ڏسي ٿو ته
اجرڪ جي ڦلڙين بدران
منهنجي اک جي ماڻڪين ۾
سرڪار سان ڪيل نوان معاهدا ٽنگيل آهن!
هو منهنجي اکين ۾
ٽنگيل تصوير ڏسي روئي ٿو پوي!
مان هُن کي
شهر جي وچ چوڪ تي ڇڏي
هي نظم لکي رهيو آهيان ته
”گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته وڪامڻ نه گهرجي ها!“