مان پنهنجا ڳوڙها پي ٿو وٺان!
____________________
مان پنهنجو درد تنهنجي اڳيان
بيان ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان!
هاڻي ته تنهنجي اڳيان
روئڻ تي به دل نٿي ڪري!
موت سان وڙهندي وڙهندي
تنهنجي بنگلي ڀرسان پهچي
توکي پُڪارڻ لڳو هئس
گئلري مان تازي هوا کائيندي
تو نوڪر کي چيو ته تون گهر ۾ ناهين!
خبر ٿئي اُن وقت
مون پنهنجي وجود مٿان
نئون وار ٿيندي محسوس ڪيو هو!
روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ڪارڪن
بيهوشيءَ جي بستري تي
تنهنجي سار جي انتظار ۾
رت جا ڳوڙها پيو ڳاڙي!
هوڏانهن
نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر کي
ڪنهن بدمعاش
گولي هڻي زخمي ڪري وڌو آهي!
لاڙ پَٽ ۾ امن جي سفير
۽ هڪ فقيراڻي طبيعت جي امير ليکڪ جي
سار لهڻ لاءِ تو وٽان وقت رُسي ويوآهي!
مان تنهنجي گهر جي گهٽيءَ ۾
درد سان وڙهي رهيو آهيان!
۽ تون وري گئلري کان لهي
گُلن کي پاڻي پيو پيارين،
ڪيڏي نه خوشي ٿئي ها
جي تون منهنجن
خشڪ چپن تي اڌ گلاس پاڻيءَ جو رکي
مونکي
ٿورڙي آٿت ڏئي اسپتال پهچائين ها!
تون مونکان
نعرا هڻايا، بئنر لڳرايا، اسٽيٽس رکرايا!
منهنجي زمين تي قبضو ٿي ويو!
ماسترياڻي فون ڪري پُڇندي رهي ٿي ته
ٻار اسڪول ڇو نه ٿا اچن؟
پر تون مون بدران
پنهنجي خواهشن جي سرواڻي ڪري رهيو آهين!
وڏن وارن کي وهاڻو ڪري
رنگين راتيون گذاريندڙ منهنجا سهڻا سرواڻ
گهر ۾ گلن کي پاڻي ڏئي وٺ!
صبح جي واڪ به ڪرڻي هوندئي!
شام جو وسڪي به پيئڻي هوندئي!
پورهيت ۽ مزدرو جي پگهر تي
رومانس جي رنگن سان ڀرپور ۽ شاهڪار نظم
به لکڻو هوندئي!
رات هڪ وڏي جلسي جي صدارت به
توکي ئي ڪرڻي آهي!
مان ڄاڻان ٿو ته
تون منهنجي محبت، منهنجا نعرا
۽ پنهنجو وقت وڪڻي ڇڏيو آهي!
پر
منهنجا درد،منهنجا زخم
هڪ نئون وجود وٺي
هڪ ڀيرو ٻيهر تنهنجو استقبال ڪندا
تيستائين تون مُنهنجي ارمانن جي
پراڻي برانڊ واري
وسڪي پي وٺ
۽ مان پنهنجا ڳوڙها پي ٿو وٺان!