روشني توکانسواءِ اڌوري آ
__________________
هو چون ٿا ته مان وڃائجي ويو آهيان،
پر مان ته پيار آهيان
وڃائجي ڪيئن ٿو سگهان؟
رات روميءَ کي پڙهيم پئي
هو چوي پيو:
پيار جو ڪو بنياد ناهي هوندو
پيار ته
سمنڊ جي سماءَ جهڙي ڪيفيت آهي،
جنهن جي نه شروعات جي
خبر هوندي آهي نه ختم ٿيڻ جو پتو!
ته پوءِ هو مونکي وڃائجي ويل ڇوٿا سمجهن؟
مان ته سمنڊ جي هن ڪناري تي
پکين جي آکيري جي ڀَر ۾ ويهي
ڦُٽڻ جي لقاءَ
۽ ڄمڻ جي وارتا کي ڏسي رهيو هئس!
سنڀال جي سُندرتا جا رنگ
چُڳڻ ۽ چُڳائڻ جا سليقا
۽ پَکين جي اُڏرڻ جون حُسناڪيون ڏسڻ لاءِ
مونکي ڪاٺين بدران پاڻ ٻارڻو پيو!
مان هاڻي هاڻي سمنڊ جي
گهري سُس پُس ٻڌي
برف جهڙين ٿڌين ڇولين مان
ٻاهر نڪري
بدن کي پپل جي پنن سان ڍڪي
پنهنجي پهرين محبوبه جي
گهر پهتو آهيان!
جتي سندس ٻار
مون لاءِ گل کنيون بيٺا آهن،
پوءِ به هو چون ٿا مان وڃائجي ويو آهيان.
مان وڃائجڻ جي ڏک ۾
اکيون بند ڪري
محبوبه جي سيني تي پاڻ اُڇلائي
روئڻ شروع ڪيو ته
هوءَ چوڻ لڳي،
اکين جي ماڻڪين جهڙا منهنجا دوست،
ٿورڙو منهنجن اکين ۾ ڏس
روشني توکانسوا اڌوري آ!
مان هن جي ٻانهن ۾ وڪوڙجي
وڃائجي ويل ماڻهوءَ جي
پيارجي
ڪهاڻي لکي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾
تنقيدلاءِ کڻي وڃي رهيو آهيان.