تخليقڪار جي در تي حاضري
____________________
هن سفر ۾ مان اڪيلو ناهيان
مونسان منهنجا ٻار به گڏ آهن!
ها البته
هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو
جڏهن مونسان گڏ
منهنجن ٻارڙن ۽ يارڙن بدران
چار ميٽر اڇو ڪپڙو
۽ مٽيءَ جو هڪ ڍِڳ ئي ته هوندو!
مٽيءَ کي مان
ايترو پيارو ڇو آهيان؟
’احرام‘ ڏانهن ڏسندي
منهنجون اکيون ڀرجي ٿيون اچن!
۽ ’ڪعبي‘ ڏانهن ويندي
منهنجي ذهن ۾
ڪيترائي خيال اُڀري اچن ٿا!
پر هڪ حساس ماڻهوءَ ناتي
هڪ تخليقڪار جو تصور
ور ور ڏيئي
ذهن جي ديوار تان جهاتيون پائيندي چوي ٿو
سندس گهر جي اڱڻ تي
سندس ئي تخليق جا رنگ ته ڏسجان!
هنن جي اکين ۾ عقيدت ۽ عاجزيءَ جون
گُل ٻاٽيون ڪيئن ٿيون ٽڙن!
۽ تخليقڪار
انهن جي عجز ۽ انڪساريءَ تي
ڪيترو نه خوش ٿيندو هوندو!
مننهجي دل ۾
هڪ ٻيو خيال به اچي ٿو ته
خدا گُل به خلقيا آهن
ڪنڊا به خلقيا آهن
خدا ماڻهو به خلقيا آهن ته
جانور به پيدا ڪيا آهن !
هر شئي جي صورت ۽ ڪم کي
الڳ الڳ رنگن ۾ ويڙهيو هوندائين!
پر هڪ تخليقڪار
اِهو ڪٿي ٿو سوچي سگهي ته
سندس پوکيل باغ کي
ڪو وڍي ڇڏي!
يا ڪو سندس ئي
تخلياتي رنگن کي
مٽائڻ جي ڪوشش ڪري!
مان رستي ۾ آهيان
ڪائنات جي سونهن
۽ حسن جي تخليقڪار کان
سندس ئي آڳر ۾
عاجزيءَ مان چند ڳوڙها ڳاڙي
هڪ سوال ڪندس ته
اي منهنجن اکين کان اوجهل
سُهڻا تخليقڪار
منهنجي مٽي
جيڪا تنهنجي تخيل جو
حسين خيال هوندي
۽ ساڳي مٽي
جيڪا منهنجي ماءُ به آهي
اُن جي سيني تي
ڪو رهڙون ڏيندو هجي
۽ مان
هڪ تخليقڪار شاعر ناتي
قلم کڻان،ڳوڙها ڳاڙيان
ماتم ڪيان،
اُن جو تحفظ ڪيان
يا
هٿ ٻڌي ويهي رهان؟
مان چار ميٽر ڪپڙو اوڍي
پنج سئو ڪلو ميٽرن جو
پنڌ ڪري
هڪ امين ،صادق
۽ سندس محبوب جي اڱڻ تان
هي خيال کڻي
هڪ تخليقڪار جي در تي
حاضري ڀرڻ وڃي رهيو آهيان!
اُن اميد سان ته
هو ماڻهن جي دلين ۾
ماڻهپي جا نوان رنگ ڀريندو!
۽ مونکي نئين سگهه ڏيندو
ته جيئن مان به ڪو
اوندھ ۾ ڏيئو ٻاري
مٽي، ماڻهپي، محبت ۽ ماءُ جي
حُسناڪ رنگن کي بچائڻ لاءِ
پنهنجو عملي ڪردار
ادا ڪري سگهان!
]ڪعبت الله ڏانهن ويندي[