ڏک لڪائي نٿي سگھان!
________________
درد ولوڙي ولوڙي
صفا ٿڪجي پئي آهيان!
ٻارن جو روئڻ ته
برداشت ڪري ٿي وڃان
پر
موالي مڙس جا دڙڪا ۽سَس جو ڪروڌ
منهنجي جيون کي روز نئين انداز ۾
زخمي ڪري رهيا آهن!
ننڍڙي هوندي
گاھ به ڪندي هيس ته لابارو به!
کير به ڏُهندي هيس ته
ماني به پچائيندي هيس!
پر ايترو ٿَڪ ڪٿي ٿيندو هو؟
ڦُٽيون چونڊيندي چونڊيندي
وڏن وارن ۽ ويڪري ڇاتيءَ وارو ڇوڪرو
چتائي ڏسندو هو ته
منهنجو ڪانبو
ذري گهٽ پيار سان ڀرجي ويندو هو!
هاڻي ته
نه اهي شامون ٿيون ٽڪرجن،
نه ئي
اهي رات جاخواب ٿا واپس اچن!
خوشين جو لطف به نٿو ماڻي سگهجي!
ايئن لڳي ٿو ڄڻ ته
هاڻي سڏڪن ۾ به ڪو اثر ئي ناهي رهيو،
مان روئان ٿي ته مِھڻا ٿا ملن!
چُپ ٿي ڪيان ته درد رَجهڻ ٿو لڳي!
پاڙي جون ڇوڪريون وري
مون کان ٽهڪ ٿيون گهرن!
مان کين ڪيئن ٻڌايان ته
منهنجي اکين جو حُسن ۽ حيات جا رنگ
اُن ڏينهن چورائجي ويا
جڏهن اسان جي انبن واري اوطاق تي
فقيراڻو سُنگ راڳ ڳائي نه سگهيو هو!
۽ مهمان ماني کائڻ بغير
واپس هليا ويا هئا!
کين ڪيئن ٻُڌايان ته
مان هاڻي ڏُک نه لڪائي ٿي سگهان
نه ئي ٻڌائي ٿي سگهان!