موٽي ئي ڪانه
_________________
مونکي اها خبر ناهي
ته هنن سٽن جو سرجڻهار ڪير آهي؟
پر منهنجي ڪمري جي نارنگي
رنگت واري ديوار تي
تڏهن کان فريم ۾ لڳل آهن
جڏهن مان نائين درجي ۾ پڙهندو هيس!
”سارو ئي ويو آخوشبوءِ سان واسجي
ڪمري ۾ جو تون آهين
ته گلدان ڇا رکان مان.“
منهنجي زال مونکان
ڪڏهن ڪڏهن پڇندي به آهي ته
ته هي شعر ڪنهن لاءِ
ديوار تي نمايان ڪري لڳايو اٿئي؟
مان اشارو ڪندي
کيس چوندو آهيان
ڪمري ۾ تون آهين
ته ٻيو ڪنهن لاءِ هوندو هي شعر!
هوءَ چپ ٿي ويندي آهي!
پر دريءَ مان ٻاهر،
کجين جي ڊگهن وڻن،
بيد مشڪ جي قدآور لڏندڙ لامن
۽ پکين جي اُڏارن سان گڏ
منهنجي اکين مان اُڏرندڙ ڳوڙهن کي
ڪيترائي ڀيرا ڏسي
هوءَ ڪافي جي مَگ سميت
منهنجي ڀرسان ويهي ،
منهنجا ڳوڙها اُگهڻ جي
ڪوشش ڪندي رهي آهي!
مان هن کي ڏاڍو پيارو آهيان
۽ هوءَ مونکي به ڏاڍي وڻندي آهي!
پر
منهنجون اکيون ڪڪر ڪڪرٿي
اُن ڇوڪريءَ جي
وڏي ماڙيءَ جي ڇت تي روز وسنديون آهن!
جيڪا نائين درجي ۾
منهنجي شاعريءَ جي
پهرين ڊائري پاڻ سان گڏ کڻي
هلي وئي ته موٽي ئي ڪانه!