وڻ ضرور پوکجان
_____________________
تون منهنجي قبر تي بيهي ڇوٿو روئين؟
تون سمجهين ٿو ته
مان اُتي ستل آهيان!
مان ته اُن ڏينهن کان
وڻ پوکڻ واري مهم تي نڪري چڪو آهيان،
جنهن ڏينهن تو مونکي ماري
اُس ۾ ڦٽو ڪيو هو!
مان ڦاروَن جا ٻوٽا، پپيتن جا وڻ،
زيتونن جا ننڍا ننڍا باغ،
نم جا ننڍا ننڍا جهُٻٽا،
ڪجهه اَباڻڪي زمين ۾
ته ڪجھه وري اُٻاڻڪن رستن تي
لڳائي ورتا آهن!
تون ڪچڙي منجهند ڌارا وڃي ڏسجان
مان ته ڌنارن سان گڏ پاڻي پيئندي
پراڻا گيت ٻُڌي رهيو آهيان!
جيڪي مال چاريندي
اسان گڏجي ڳائيندا هئاسين!
تون ايترو روئي
منهنجي نظمن کي سوڳوار نه ڪر،
ڳوڙها اُگھه ۽ وڻ پوکڻ واري مهم ۾
منهنجو ساٿ ڏي
ڇو ته مان ڪنهن به ڇوڪريءَ جي
ڊگهن وارن مٿان
سندس نازڪ هٿن کي ٿڪائيندڙ
ڇَٽي ڏسڻ بدران
نم جي ڇانوَ ۾ ڦاروا کائيندي ڏسڻ ٿو چاهيان!
مان پکين جون اُڏارون، چَڙين جا آواز
بوڙينڊي جا سُر ۽ ڌنارن جا گيت ٻڌندي
شام جو موٽي اچي
قبر جي هن ڪُنڊ ۾
سڪون جي ننڊ سمهندو آهيان!
خوبصورت گيت لکندڙ سُھڻا ڪوي
شاعري ڀلي ڪر
پر ڪو هڪ اهڙو وڻ ضرور پوکجان
جنهن هيٺان
تُنهنجي محبوبه هڪ ڀيرو ئي ٿڪ ڀڃي
ٿڌو ساھ ڀريندي
ساهيڙين کي ٻُڌائي سگهي ته
هن ٻوٽي کي سندس عاشق شاعر جي اکين مان
ڪرندڙ ڳوڙهن جي ڳوٺ جو
پاڻي پيتل آهي.