خواب، رنگ، واعدا
+++++++++++++++
خواب،رنگ، وعدا ۽ انتظار
منهنجي حيات جو ڄڻ ته حُسن ٿي پيا آهن!
توکي سڄي خبر آهي ته
منهنجون اکيون
تنهنجن ايرينگن ۾ اٽڪي
تنهنجا ڳل چمنديون رهنديون آهن
۽ ها جڏهن کان مان گلن جي خوشبوءِ
۽ محبت جي تصور جهڙي رات
تنهنجي بستري تي ڇڏي
واپس موٽيو آهيان!
تڏهن کان پاڻ کي ڳوليندي ڳوليندي
ٿڪجي پيو آهيان !
پر سچ اهو آ ته پاڻ سان
ملي به نٿو سگهان!
مونکي جيل جو قيد ڪٿي ٿو ماري؟
ماڻهن جون ڳالهيون پيون مارين!
ڪالھه پنهنجي ئي تر جو
هڪ نئون قيدي مليو
هن ٻُڌايو پئي ته منهنجي آزادي لاءِ
ايرينگَ وڪڻي تو هڪ وڪيل ڪيو آهي!
توکي ڪهڙي خبر ته
مان توسان ملڻ لاءِ روز سَنبرندو آهيان،
پر سَنبرندي سَنبرندي
ڳالهين جي ڳنڍ
۽ لُڙڪن جو گلاس
جيلر جي ٽيبل تي وساري
کوليءَ جي ڪنڊ ۾ روئندو آهيان ته
مونسان گڏ ٻيا قيدي به
روئڻ شروع ڪندا آهن!
تون ٻيهر وڪيل وٽ نه وڃجانءِ
ڇو ته جيل ۾
مان هڪ ڊائري لکي رهيو آهيان
جيڪا
خوابن،رنگن، وعدن ۽ انتظار جي
هڪ اهڙي ڪهاڻي هوندي
جنهن جي بئڪ ٽائيٽل تي
نم جو وڻ، چنڊ جا ليئاڪا،
روشنيءَ جا عڪس
۽ قيدين جا سڏڪا هوندا!
رات به مون هڪ خواب لڌو آهي
جنهن ۾ نُم جو وڻ،نئين واڻيل کٽ،
اَمان جي هٿن سان ڀريل ڀرت وارو وهاڻو،
تنهنجن هٿن سان
سِبيل ٽُڪ واري رلي،تنهنجو ڀاڪر،
روشن صبح جا ڪرڻا،
گلن جي تازي خوشبوءِ
۽ ڳولا جو نئون گيت
مونکي سڏي رهيا آهن!